Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

عَلَيۡهِ السَّلَام اچي ويو *پساھ پورا ٿي ويا *رُوح بدن کان جُدا ٿي ويو * آه! گُنَاھ ڪندي ڪندي قبر ۾ لهي وياسين * الله ۽ رسول اسان کان ناراض ٿي ويو * گُنَاهن تي پڪڙ ٿي وئي * اسان جا اهي ئي گُنَاھ درندن جي صُورت بڻجي قبر ۾ اچي ويا * نانگ وڇونء لاش سان وڪوڙجي ويا * قبر جون ديوارون پاڻ ۾ ملي ويون ته ان اونداهي قبر ۾، تنهائي ۾، وَحشت ڀري ماحول ۾ ڪيڏانهن وينداسين؟ ڪنهن کي مدد لاءِ سڏينداسين؟

قبر محبوب کے جلووں سے بسا دے مالک       تیرا کیا جائے گا میں شاد رہوں گا یارب

ان ڪري اڄ وقت آهي، سٺو اهو ئي آهي جو اڄ بلڪ هيئنر ئي سچي پڪي توبه ڪري وٺون، گُنَاھ ڇڏي ڏيون ۽ پڪي نيت ڪري وٺون ته * هاڻي ڪڏهن گُنَاھ نه ڪنداسين * هاڻي اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي *رمضان المبارڪ جا روزا به پُورا رکنداسين *زڪوٰة فرض ٿيندي آهي ته اها به پُوري پُوري ادا ڪنداسين *چهري تي سُنّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبيا يعني ڏاڙھي شريف به پُوري هڪ مُٺ سجائينداسين * فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا ٻڌڻ جي بدران مدني چينل جي عِلمِ دين سان ڀرپُور پروگرام ڏسنداسين * نعتون ٻڌنداسين * تِلاوت ڪنداسين ۽ ٻڌنداسين۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم!

تَوبه ۽ استغفار سٺي زِندگي جو ذريعو آهن

 الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَّ اَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوْبُوْۤا اِلَیْهِ یُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّ یُؤْتِ كُلَّ ذِیْ فَضْلٍ فَضْلَهٗؕ-وَ اِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّیْۤ اَخَافُ عَلَیْكُمْ عَذَابَ یَوْمٍ كَبِیْرٍ(۳)  (پاره:11،سورۂ ھُوْد:3)     

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ هي ته پنهنجي رب کان معافي گهرو پوءِ ان جي طرف توبهه ڪيو ته اهو توهان کي هڪ مقرر مدت تائين تمام سٺو فائدو ڏيندو ۽ هر فضيلت واري کي پنهنجو فضل عطا ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان منهن ڦيريو ته مان توهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف ڪيان ٿو.