Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

مسلسل نافرمانين جو عبرتناڪ انجام

حضرت منصور بن عمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجو هڪ ديني ڀاءُ هو، مون کان گھڻي عقيدت رکندو هو، منهنجي نگاه ۾ وڏو عبادت گذار، تهجد پڙھندڙ، خوفِ خُدا سان روئڻ وارو هو۔ هڪ ڀيري مون کي خبر ملي ته منهنجو اهو ئي ديني ڀاءُ بيمار آهي ۽ گھڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي، مان عيادت جي لاءِ ان جي گھر پهتس، مون ڏٺو ته هو گھر جي وچ ۾ ليٽيل آهي، ان جو چهرو ڪارو ۽ اکيون نيريون ٿي چڪيون آهن۔ مون ان کي چيو: اي منهنجا ڀاءُ! لَا اِلٰهٰ اِلَّا اللهُ جي ڪثرت ڪريو! ان پنهنجون اکيون کوليون، وڏي مشڪل سان مون ڏانهن نهاريو، پوءِ بيهوش ٿي ويو، مون ٻيهر ان کي تلقين ڪئي، هن ڀيري به ان اکيون کوليون، مون ڏانهن ڏسي وري اکيون بند ڪري ورتيون، هاڻي مون ٿورو سختي سان چيو: جيڪڏهن تو ڪلمو نه پڙھيو ته مان توکي نه غسل ڏيندس، نه ڪفن پارائيندس، نه ئي تنهنجو جنازو پڙھندس۔

هي ٻڌي ان چيائين: اي منصور! ان ڪلمي ۽ منهنجي وچ ۾ آڙ بڻائي وئي آهي۔ مون چيو؛لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللهِڪيڏانهن ويون اهي نمازون، اهي روزا، تهجد ۽ راتين جو قيام؟ ته ان مون کي حسرت وچان چيو؛ اي منصور! مان هي سڀ ڪجھ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ نه ڪندو هئس، مان اهي عبادتون ڏيکاءُ جي لاءِ ڪندو هئس، منهنجي خواهش هئي ته ماڻهو مون کي نمازي، روزيدار، تهجد گذار چون، مان ڏيکاءُ جي لاءِ ذِڪر به ڪندو هئس، پر آه! جڏهن مان تنهائي ۾ هوندو هئس ته دروازو بند ڪري، ڪپڙا لاهي خوب شراب پئي، الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو هئس۔ پوءِ هڪ ڀيري هيئن ٿيو جو مان سخت بيمار ٿي پيس، مون کي بچڻ جي اُمِّيد ئي نه رهي، ته پوءِ مون قرآنِ ڪريم هٿ ۾ وٺي تِلاوت شروع ڪئي، مان هڪ هڪ اَکر پڙھندو ويس سورت يٰسين شريف تائين پهتس ته مون دُعا گھري: اي الله پاڪ! هن قرآنِ عظيم جي صدقي مون کي شفا عطا فرماء، مان آئينده گُنَاھ نه ڪندس۔