Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

الله پاڪ قرآنِ مجيد جي برڪت سان مون کي شفا عطا فرمائي پر افسوس! مان ٻيهر گناهن ۾ مشغول ٿي ويس، مون تَوبه ڇڏي ٻيهر شيطان جي پويان هلڻ لڳس، ڊگھي عرصي تائين اهو ئي سلسلو رهيو، پوءِ اوچتو مان انهيء بيماري ۾ مبتلا ٿيس، مون موت جو پاڇو ڏسي ورتو، هاڻي وري مون قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، قرآنِ مجيد جي وسيلي سان دُعا گھري، تَوبه ڪئي، گُنَاهن جي معافي گھري، الله پاڪ مون کي ٻيهر معاف فرمائي ڇڏيو، مون کي شفا نصيب ٿي وئي۔

پر افسوس! منهنجي ناداني...!! صحت جي نعمت ملندي ئي مان ٻيهر خواهشات جي پويان هلڻ لڳس، مون ٻيهر گُنَاهن جي وادي ۾ قدم رکيو، نافرمانيون ڪري الله پاڪ کي ناراض ڪندو رهيس۔ هاڻي ٽئين ڀيري الله پاڪ مون کي انهيء مرض ۾ مبتلا فرمايو، هن ڀيري به مون اهو ئي طريقو اپنايو، مون قرآنِ ڪريم گھرايو، کوليو، پر افسوس! منهنجي زبان بند ڪئي وئي، مان قرآنِ ڪريم پڙھڻ چاهيندو هئس پر هڪ اکر به نه پڙھي سگھيس، هن حالت مان سمجھي ويس ته الله پاڪ مون کان سخت ناراض آهي، پوءِ به مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! قرآنِ مجيد جي صدقي مون کي شفا عطا فرما۔

هاڻي مون کي غيب مان آواز آيو: جڏهن تون بيمار ٿيندو آهين، تَوبَه ڪندو آهين ۽ جڏهن تندرست ٿي ويندو آهين ته گُنَاھ ڪرڻ لڳي ويندو آهين۔ جڏهن تڪليف ۾ مبتلا ٿيندو آهين ته روئيندو آهين ۽ جڏهن شفاياب ٿيندو آهين ته بُرائي ۽ نافرماني لاءِ تيار ٿي ويندو آهين۔ تون ڪيترين مصيبتن ۽ آزمائشن ۾ مبتلا ٿين، الله پاڪ توکي ان کان نجات عطا فرمائي، ان جي باوُجُود تون گُنَاهن ۾ غرق رهين، ڇا توکي موت جو خوف نه هو...؟ تون عقل رکين ٿو، سمجھ رکين ٿو، پوءِ به غفلت ۾ رهين ٿو، الله پاڪ تو تي فضل فرمايو، تو ان کي وساري ڇڏيو، تو ڪيترا ڀيرا الله پاڪ کان واعدو ڪيو، پوء ٽوڙي ڇڏيو۔