Book Name:Nafarmani Ka Anjam
قومِ ثمود تعمير واري فَنّ ۾ ماهر هئي، الله پاڪ انهن کي بيشمار نعمتن سان نوازيو هو، انهن کي طاقت ڏني، مال و دولت سان نوازيو هو پر انهن نافرماني ڪئي، حضرت صالح عَلَيۡهِ السَّلَام کي نه مڃيائون، ڪفر تي قائم رهيا، گُنَاھ ڪندا رهيا، آخر ان تي به قَهرِ اِلٰهي نازل ٿيو، انهن تي شديد زلزلي جو عذاب موڪليو ويو، جنهن سان هي هميشه جي لاءِ فنا ٿي مٽجي ويا۔
نمرود ڪيترو رُعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاھ هو، الله پاڪ ان کي تاج و تخت عطا ڪيو پر ان نافرماني ڪئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون گستاخيون ڪيون، نيٺ ان تي عذاب آيو، الله پاڪ ان بدانجام کي ۽ ان جي فوج کي مڇرن جي ذريعي تباهه ڪري ڇڏيو۔
فِرعون ڪيترو طاقت وارو هو، ان نافرماني ڪئي، ان جي بادشاهت ان جي ڪجھ ڪم نه آئي، طاقت، قُوّت، تاج و تخت، فوج، سڄو لشڪر هتي رهجي ويو ۽ فِرعون پنهنجي ڪافِر قوم سميت دريا ۾ غرق ٿي ويو۔
هي آهي نافرماني جو انجام...! الله پاڪ وڏو مهربان آهي، اهو مهلت ڏي ٿو، سُڌرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿو پر جيڪي نٿا سُڌرن، نافرمانين تي اڙجن ٿا، گُنَاهن تي دليري ڏيکارين ٿا، اهي پاڻ الله پاڪ جي غضب کي دعوت ڏين ٿا، پوءِ جڏهن ان جَبَّار و قهّار جو قَهر ٿئي ٿو، پوءِ ڪو فرق نٿو پئي ته ڪير بادشاھ آهي ڪير فقير، ڪير طاقت وارو آهي ڪير ڪمزور، جڏهن الله پاڪ جو قَهر ٿئي ٿو ته مال و دولت ڪجھ ڪم نٿا اچن، تاج و تخت بيڪار رهجي ويندا آهن ۽ طاقت و قُوَّت جو غرور ختم ٿي ويندو آهي۔
پر افسوس! اسان ڊڄون نٿا، قبر و آخرت جو فِڪر نٿا ڪيون، شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي پئون ٿا، دُنيا جي پويان هلون ٿا، نفساني خواهشن جي هٿان مغلوب ٿي الله پاڪ جي نافرماني ڪيون ٿا ۽ قهرِ اِلٰهي کي دعوت ڏيون ٿا۔ ڪاش! اسان اڳوڻين قومن جي عبرتناڪ انجام کان عبرت وٺون، ڪاش! اسان