Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

* محبت به هڪ جذبو آهي * خوشي به هڪ جذبو آهي * غم * بيزاري *مايوسي * خوف * حيرت * فخر وغيره اهي سڀ جذبات آهن۔

هميشه ياد رکو! جذبو چاهي ڪاوڙ وارو هجي، محبت وارو هجي، غم وارو هجي، خوشي وارو هجي، ڪنهن به قسم جا جذبات هجن، ڪڏهن به جذبات جي بنياد تي فيصلا ناهن ڪبا ڇو ته جذبات جي بنياد تي ڪيل فيصلا عام طور تي غلط ئي ثابت ٿيندا آهن۔ اهڙي طرح عقل جي بنياد تي به فيصلا ناهن ڪيا ويندا۔ فيصلا هميشه شُعُور جي بنياد تي ڪيا ويندا آهن۔

عقل ۽ شُعُور جي وَضَاحت

هاڻي سمجھڻو اهو آهي ته شُعُور مان ڇا مراد آهي: اَصل ۾ عقل جون ٻه قسمون آهن: هڪ عقل اهو آهي جيڪو فطري طَور تي اسان جي اندر رکيو ويو آهي۔ ٻيو اهو عقل آهي جيڪو عِلم سکي عِلم جي روشني مان حاصِل ٿيندو آهي۔ اهو جيڪو ٻيو عقل آهي جيڪو عِلم سکڻ کان بعد نصيب ٿيندو آهي، ان کي شُعُور چيو ويندو آهي۔ اسلام جي چوٿين خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ان شعور کي عَقلِ مَسمُوع جو نالو ڏنو آهي، پاڻ فرمائن ٿا:

رَاَيْتُ الْعَقْلَ عَقْلَيْنِ                     فَمَطْبُوْعٌ وَّ مَسْمُوْعٌ([1])

يعني منهنجي نگاھ ۾ عقل جون ٻه قسمون آهن: (1):عَقلِ مَطبُوع يعني فِطرِي عقل جيڪو انسان جي اندر رکيو ويو آهي (2): عقلِ مَسمُوع يعني اهو عقل جيڪو (عِلمي ڳالهيون) ٻڌي حاصِل ٿيندو آهي۔

اسان پنهنجي زِندگي ۾ ننڍا فيصلا ڪيون يا وڏا، فيصلو هميشه عَقلِ مَسمُوع يعني شُعُور جي بنياد تي ئي ڪيو ويندو آهي۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:


 

 



[1]... اِحْیَاءُ العلوم مترجم، جلد: 1، صفحہ: 291۔