Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

تي اهي ماڻهو ميدانِ بدر ۾ پهتا ۽ عبرتناڪ شڪست کاڌي۔ انهيء غلط ۽ جذباتي فيصلي جو بيان ڪري الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو:

وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا وَّ رِئَآءَ النَّاسِ  

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي نڪتا.

يعني اي مسلمانو! توهان مڪي جي ڪافرن جيان آڪڙجڻ ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ وارا نه ٿيو...!! بلڪه تقويٰ اِختيار ڪيو! اِخلاص اپنايو! صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جا طلب گار رهو!

آيت سڳوري ۾ موجود لفظِ بَطَرًا جي وَضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ لفظ استعمال ٿيو آهي: بَطَرًا۔ اهو لفظ غور لائق آهي۔ امام راغب اَصفَهاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن لفظ جي معني بيان ڪندي فرمائن ٿا: اَلبَطَرُ دَهَشٌ بَطَر مَدهوشِي جي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي۔ ڪهڙي مدهوشي؟ يَعْتَرِي الْاِنسَانَ مِنْ سُوْ ءِ اِحْتِمَالِ النِّعْمَۃِ يعني اها مدهوشي جي ڪيفيت جيڪا نعمت بابت بُرو گمان ڪرڻ جي ڪري طاري ٿيندي آهي۔([1])

مثال طور * ڪو مالدار آهي، اهو سمجھي وٺي ته مان مال ۽ دولت جي ذريعي سڀ ڪجھ حاصِل ڪري سگھان ٿو * جنهن کي طاقت جي نعمت ملي آهي، اهو سمجھي ته مان طاقتور آهيان، ڪنهن ۾ همَّت آهي جو مون کي نقصان پهچائي سگھي؟ * ڪو ذهين طالبِ عِلم آهي، اهو هي گمان ڪري ته مان ته ذهين آهيان، مون کي سبق ياد ڪرڻ جي، محنت ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔


 

 



[1]...مفردات الفاظ القرآن، کتاب: الباء، صفحہ: 61۔