Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

هن ۾ سڀ کان پهريون نيڪ عمل به اهو ئي آهي: ڇا اڄ اوهان ڪجھ نه ڪجھ نيڪ ۽ جائِز ڪمن کان پهريان ڪم از ڪم هڪ سٺي نيت ڪئي؟ الله پاڪ اسان سڀني کي سٺين سٺين نيتن واري هن نيڪ عمل کي بلڪه 72 جي 72 نيڪ اَعمَال کي پنهنجي زِندگي ۾ نافِذ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔         آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

(3): پنهنجا خيال بدليو...!

 حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فُتُوحُ الغيب ۾ فرمائن ٿا: هر مسلمان تي، هر حال ۾ 3 ڳالهيون لازِم آهن: (1): شريعت جي اَحڪامن تي عَمَل ڪري (2): جن ڪمن کان شريعت منع ڪيو آهي، انهن کان بچندو رهي (3): تقدير تي هميشه راضي رهي۔

اهو فرمائڻ کان بعد حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: فَلْيُحَدِّثْ بِهَا نَفْسَهٗ هنن ٽن ڳالهين بابت پنهنجي پاڻ سان ڳالهيون ڪندو رهي۔([1]) يعني هر مسلمان کي گھرجي ته هنن ٽن ڳالهين کي پنهنجي خيالات جو حِصو بڻائي وٺي۔

حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو جُملو وڏي ڪمال جو آهي۔ هن کي جيڪڏهن اسان پنهنجي زِندگي ۾ لاڳو ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جذباتي فيصلن کان گھڻي حَد تائين بچي وينداسين۔

اَصل ۾ اسان جا جيڪي جذبات آهن، اهي اسان جي خيالات جو پاڇو (پاڇولو) هوندا آهن، يعني اسان جي ذِهن ۾ جهڙي طرح جا خيال ايندا آهن، اهڙي طرح جا اسان جا جذبات اُڀرندا آهن۔ فرض ڪيو! دُنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺل ڪو شخص اسان کي گاريون ڏئي رهيو آهي، ان جو آواز اسان تائين نه پيو پهچي، نه اسان کي معلوم آهي ته هو گار ڏئي رهيو آهي، ڇا اسان کي ڪاوڙ


 

 



[1]... فتوح الغیب، صفحہ: 9، ملتقطاً۔