Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

معاشري ۾ جذباتي ٿيڻ جي وڌندڙ شرح

افسوس! هاڻي اسان جي مُعَاشري ۾ جذباتي فيصلن جو رجحان ڏينهو ڏينهن وڌندو پيو وڃي، عِلمِ دِين کان دُوري آهي، شريعت جي اَحڪامن جي معلومات نه هئڻ برابر آهي، قرآنِ ڪريم سمجھڻ ته رهيو پري هاڻي ڏسي پڙهڻ به نٿو اچي، ظاهر آهي جڏهن شريعت جي معلومات ئي نه آهي ته شريعت جي مطابق فيصلا ڪيئن ڪيا ويندا؟ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي جيڪو محض جذباتي فيصلا ڪري ٿو ۽ پوءِ نقصان کڻي ٿو * مختلف رپورٽن مطابق سن 2021 ۾ سنگين جرائِم ۾ 25 فيصد اِضافو ٿيو آهي، هن سال جي صِرف ابتدائي 4 مهينن ۾ 1232 افراد قتل ڪيا ويا * گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ خودڪشي جي شرح 3 فيصد کان وڌي 8 فيصد تائين پهچي وئي * هڪ رپورٽ مطابق عالمي سطح تي هر 40 سيڪنڊ ۾ هڪ شخص خودڪشي ڪري ٿو * اهڙي طرح طلاق جا ڪيس ڏينهو ڏينهن وڌندا پيا وڃن، سن 2019 ۽ 2020 ۾ صِرف پاڪستان جي هڪ شهر ڪراچي ۾ اٽڪل 15 هزار طلاق جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن * اهڙي طرح ٻارن ۽ ٻارڙين کي جنسي تشدد جو نشانو بنائڻ جا ڪيس به اڄڪلھ وڌندا پيا وڃن۔

اسان جي مُعَاشري جو اهو ڪارو پهلو، اهي سنگين جرائم ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن انهن جو غور سان جائِزو ورتو وڃي ته اَصل بنياد جذباتي فيصلا ئي نڪرندا۔ * ناحق قتل جو وڏو سبب ڪاوڙ آهي * طلاق به عام طور ڪاوڙ ئي ۾ ڏني ويندي آهي، ماڻهو سوچن نٿا، سمجھن نٿا، بَس ڪاوڙ ۾ اچي طلاق ڏئي ڇڏين ٿا ۽ گھڙي کن ۾ گھر اُجڙي وڃي ٿو، ٻار ويچارا ماءُ، پيءُ ٻنهي کان يا هڪ کان محروم ٿي ويندا آهن، انهن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو آهي * خودڪشي به هڪ جذباتي فيصلو ئي آهي، غُربت هوندي آهي ته ماڻهو جذبات ۾ اچي خُود ڪشي ڪري وٺندا آهن، پاڻ به حرام موت مرندا آهن ۽