Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

جنگ ۾ الله پاڪ مسلمانن کي عظيمُ الشَّان فتح عطا فرمائي ۽ ڪافِرن کي تاريخ جي بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو۔

ڪافِرن جي اَفعَال و ڪردار مان عِبرت حاصل ڪيو...!

غزوه بدر جي موقعي تي مڪي جي ڪافرن هڪ عِبرتناڪ غلطي ڪئي هئي، هاڻي اسان سيپاري: 10، سورت اَنفال جي آيت: 47 ٻڌي، هن آيت سڳوري ۾ ڪافرن جي هن غلطي جو بيان آهي ۽ مَا شَآءَ الله! قرآنِ ڪريم جو حڪمت ۽ نصيحت ڀريو، پيارو پيارو اَنداز ڏسو! غلطي ڪافِرن ڪئي هئي، الله پاڪ انهن جي غلطي کي بيان ڪري مسلمانن کي حڪم ڏنو ته ڪافِرن جي هن غلطي مان عِبرت حاصل ڪيو...! ۽ توهان ڪڏهن اهڙي غلطي نه ڪجو۔ مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت مان خبر پئي؛ مؤمن کي گھرجي ته ڪافِرن جي بُري ڪردار ۾ به غور ڪري، ڇو؟ انهن جي پويان هلڻ جي لاءِ نه، انهن جي تهذيب، انهن جا طور طريقا اپنائڻ جي لاءِ نه، بلڪ انهن جي ڪردار مان عِبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، انهن کان بچڻ ۽ پري ڀڄڻ جي لاءِ۔([1])

اپنی ملت پر قیاس اَقْوامِ مغرب سے نہ کر         خاص ہے ترکیب میں قومِ رسولِ ہاشمی

وضاحت: يعني اسان مسلمان آهيون، اسان رسولِ هاشِمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت آهيون، اسان جا طور طريقا، اسان جو طرزِ زِندگي جُدا آهي، اسان هر حال ۾ قرآنِ ڪريم ۽ سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پابند آهيون، لهٰذا پاڻ کي ڪافِر قومن تي قياس نه ڪيو...!

ها! ڪافِرن جي اَفعَال و ڪردار ۾ غور ڪيو! اُنهن مان عِبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، اُنهن کان بچڻ ۽ پري ڀڄڻ جي لاءِ۔ الله پاڪ اسان سڀني کي


 

 



[1]... تفسیرنعیمی، پارہ: 10، سورۂ انفال، زیرِ آیت: 47، جلد: 10، صفحہ: 32۔