Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

بيان ڪيو ۽ هن مان عبرت حاصِل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي فرمايو:

وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا وَّ رِئَآءَ النَّاسِ  

ترجموڪنز الايمان: ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي نڪتا.

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري مان ۽ هن آيت جي عالم سڳورن جيڪا وَضَاحت فرمائي، ان مان اسان کي اهو سکڻ لاءِ مليو ته ظاهري اسباب تي نِگاھ رکڻ، الله پاڪ جي عطا ڪيل نعمتن بابت بُرو گمان ڪرڻ اهو ڪافِرن وارو انداز آهي، اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي زِندگي جا تمام فيصلا اِخلاص جي بنياد تي، تقويٰ جي بنياد تي، شريعت جي اَحڪامن جي روشني ۾ سوچي سمجھي ڪيون ڇو ته جذبات ۾ ڪيل فيصلا عام طور تي نقصان ئي جو  سبب بڻجندا آهن۔ الله پاڪ اسان کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔      آمِين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان جي زِندگي ۾ فيصلن جي اهميت

پيارا اسلامي ڀائرو! Decision Making يعني فيصلو ڪرڻ اسان جي زِندگي جو تمام اَهم پهلو آهي۔ فيصلو صِرف اهو ناهي ته فيڪٽري ٺاهڻي آهي يا ناهي ٺاهڻي، ڪاروبار شروع ڪرڻو آهي يا ناهي ڪرڻو، ٻارن جي شادي ڪرڻي آهي يا ناهي ڪرڻي۔ اهي به فيصلا آهن پر صِرف اهي ئي فيصلا نه آهن، هڪ تحقيق مطابق هڪ انسان سڄي ڏينهن ۾ (With in 24 hour) 35 هزار ننڍا وڏا فيصلا ڪري ٿو۔ اسان غور ڪيون ته اسان جي سڄي زِندگي اسان جي فيصلن سان ترتيب ۾ ايندي آهي۔ اڃ لڳي آهي * صبح اسان جي اک کلي، بستر تان اُٿڻو