Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

ڪري ڇڏيون۔ لهٰذا فيصلو ڪرڻ کان بعد، ان ڪم کي عَمَلي جامو پارائڻ جي لاءِ ان ڪم سان گهري وابستگي به ضروري آهي۔

اها جيڪا ٻي شيء آهي يعني پنهنجي فيصلن سان، پنهنجي ڪم سان، دِين سان، قرآن سان، سُنّت سان، پنهنجي رشتيدارن سان، پنهنجي ماءُ پيءُ، اولاد وغيره سان گهري وابستگي، ان جي لاءِ الله پاڪ اسان کي جذبات عطا ڪيا آهن۔ ڏسو! الله پاڪ اسان کي ڪن ٻڌڻ لاءِ ڏنا آهن، اسان ڪن جي ذريعي سونگھي نٿا سگھون، نڪ سونگھڻ لاءِ آهي، هن سان ڏسي نٿا سگھون، اک ڏسڻ لاءِ آهي، هن سان اسان کائي نٿا سگهون۔ اهڙي طرح فيصلو ڪرڻ جي لاءِ شُعُور ڏنو ويو آهي، اسان جذبات جي بنياد تي فيصلو نٿا ڪري سگهون، اسان جيڪو به فيصلو پنهنجي شُعُور سان ڪنداسين، اهو شُعُوري فيصلو چئبو، جيڪڏهن اسان جذبات جي بنياد تي فيصلو ڪنداسين، شُعُور کي پوئتي ڪنداسين ته ان کي جذباتي فيصلو چيو ويندو، جيڪو عام طور تي اسان کي غلط راھ جو مُسَافِر بڻائيندو آهي۔

جذباتي ٿيڻ جا نقصان

هڪ ماهرِ نفسيات آهي، ان ڪيئي سال لاڳيتو جذبات (Emotions) بابت تحقيق ڪئي، جڏهن ان جي تحقيق مڪمل ٿي وئي ته ان هڪ ڪتاب لکيو، ان ماهرِ نفسيات جي پُوري تحقيق جو حاصِل ۽ خُلاصو جيڪو آهي، اهو ان جي ڪتاب جو هڪ خُوبصُورت جملو آهي، ان چيو: مون اڃا تائين جيتري تحقيق ڪئي آهي، ان جي مطابق مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته انسان جڏهن به جذبات جي بنياد تي فيصلو ڪيو آهي ته ان کي پڇتائڻو ئي پيو آهي۔

اها حقيقت آهي، انسان جڏهن به جذبات ۾ اچي فيصلو ڪري ٿو ته ان کي پڇتائڻو ئي پوي ٿو۔ هن دُنيا ۾ انسان جيڪو سڀ کان پهريون گُنَاھ ڪيو، اهو