Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

ايندي؟ نه ايندي۔ ڪاوڙ ڪڏهن ايندي آهي، جڏهن اسان کي اُن جا لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن يا اسان کي خبر ملندي آهي ته فُلاڻي مون کي گار ڏني آهي۔ ٿيندو هي آهي ته جڏهن اسان اهي الفاظ ٻڌندا آهيون ته دِماغ ۾ خيال پيدا ٿيندا آهن ۽ اُن خيالات جي نتيجي ۾ جذبات اُڀرندا آهن۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نصيحت فرمائي رهيا آهن ته هر مسلمان کي گھرجي پنهنجي خيالات تي ٽن ڳالهين مطابق عمل ڪري (1): مون کي شريعت جي حڪم تي عمل ڪرڻو آهي (2): شريعت جنهن ڪم کان منع ڪيو آهي، ان کان رُڪڻو آهي (3):تقدير تي راضي رهڻو آهي۔

جڏهن اسان جي خيالن تي هر وقت اهي ئي ٽئي ڳالهيون پيش نظر رهنديون ته هن جي برڪت سان جيڪي به نوان ۽ جذباتي خيال ايندا ته اسان جا هي شريعت بابت خيال اُن جذباتي خيالن کي دٻائي ڇڏيندا ۽ نتيجي ۾ اسان جذبات ۾ اچڻ کان ۽ جذباتي فيصلن کان ڪافي حد تائين محفوظ ٿي وينداسين۔ معلوم ٿيو جذباتي ٿيڻ سان ۽ جذباتي فيصلن کان بچڻ جو آسان ترين ذريعو اهو آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي بدليون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔ 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

اي عاشقانِ رسول! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم آهي: ”فجر جي لاءِ جاڳائڻ“ ياد رهي! نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت آهي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪثير عاشقانِ رسول هن مبارڪ سُنَّت تي عَمَل جي سَعَادت حاصِل ڪن ٿا، اوهان به