Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

آهي يا ٻه منٽ بعد اُٿڻ جو سوچي وري سمهڻو آهي، اهو به فيصلو آهي * ناشتو ڪرڻو آهي يا ناهي ڪرڻو، اهو به فيصلو آهي * اسان ويٺا آهيون، بيهڻو آهي يا ناهي بيهڻو، اهو به فيصلو آهي * اُڃ لڳي آهي ته پاڻي پيڻو آهي يا ناهي پيڻو، اهو به فيصلو آهي، ايئن اسان سڄي ڏينهن ۾ هڪ کان بعد هڪ فيصلو ڪيون ٿا ۽ اسان جي زِندگي اسان جي انهن فيصلن سان مرتب ٿي رهي هوندي آهي۔

اسان جي زِندگي ۾ ڪيئي  اهي آهن جيڪي اسان جي شخصيت جي سڃاڻپ بڻجندا آهن ، جيڪڏهن  اسان پنهنجي پاڻ بابت اهو سُوال ڪيون ته مان ڪير آهيان؟ هن سُوال جو جواب به اسان جي فيصلن جي بنياد تي ڏنو ويندو۔ مثال طور مسجد ۾ اذان ٿي، هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، نماز پڙھڻ وڃڻو آهي يا ناهي وڃڻو، جيڪڏهن اسان نماز پڙھڻ جو فيصلو ڪنداسين ته اسان کي نمازي چيو ويندو، جيڪڏهن نماز قضا ڪئي ته گنهگار چيو ويندو۔ اهڙي طرح ڪنهن اسان کي ٿف هنئيو، هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، بدلي ۾ ان کي ٻه ٿف هڻڻا آهن يا معاف ڪرڻو آهي، جيڪڏهن بدلي ۾ ٻه ٿف هڻنداسين ته اسان کي غصي وارو، بي صبرو ۽ ڪجھ صُورتن ۾ ظالِم چيو ويندو ۽ جيڪڏهن اسان معاف ڪنداسين ته صبر ڪرڻ وارو، عفو و درگذر جو پيڪر چيو ويندو۔ معلوم ٿيو؛ اسان جا فيصلا اسان جي شخصيت جي سڃاڻپ آهن۔

فيصلو ڪرڻ بابت 3 اَهم بنياد

هاڻي هتي هڪ سُوال پيدا ٿئي ٿو ته فيصلو ڪهڙي بنياد تي ڪرڻ گھرجي؟ زِندگي ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ بابت 3 اَهم بنياد هوندا آهن: (1):جذبات (2): عقل (3): شُعُور

عام طَور تي صِرف ڪاوڙ ئي کي جذباتي ٿيڻ چيو ويندو آهي، جڏهن ته ايئن نه آهي، جذبات جون کوڙ قسمون آهن * ڪاوڙ به هڪ جذبو آهي