Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

نِگاھِ عبرت عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

مڪي جي ڪافرن جي عِبرتناڪ غلطي جي وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي جي ڪافرن جي اها عبرتناڪ غلطي جنهن مان عبرت حاصل ڪرڻ جو الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو آهي، اهو اَصل ۾ هڪ جذباتي فيصلو هو جيڪو ڪافرن غزوه بدر جي موقعي تي ڪيو هو۔ مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: مڪي جي ڪافرن جو هڪ تجارتي قافلو مُلڪ شام مان مڪهءِ مڪرمه اچي رهيو هو، ڪافر جيڪي لشڪر وٺي مڪهءِ مڪرمه کان روانا ٿيا هئا، هن ۾ انهن جو مقصد ميدانِ بدر ۾ وڃڻ نه هو، اَصل ۾ هو پنهنجي تجارتي قافلي جي حِفَاظت جي لاءِ روانا ٿيا هئا پر مُعَامَلو اهو ٿيو جو انهن جو اهو تجارتي قافلو جيڪو مُلڪ شام مان اچي رهيو هو، اهو عام راھ کان هٽي سمنڊ ڪناري وٽان لنگھندو حفاظت سان مڪهءِ مڪرمه پهچي ويو۔ هوڏانهن ڪافرن جو لشڪر جيڪو ان قافلي جي حِفَاظت جي لاءِ نڪتو هو، اهو جڏهن جُحفَہ نالي مقام تي پهتو ته تجارتي قافلي طرفان هڪ قاصِد انهن وٽ اچي چيائين: توهان جو تجارتي قافلو حفاظت سان مڪي پاڪ پهچي چُڪو آهي، لهٰذا توهان سڀ واپس موٽي اچو...! ان موقعي تي ابوجهل آڪڙجي چيائين: نه... هاڻي اسان واپس نه وينداسين، اسان بهادر ماڻهو آهيون، اسان ميدانِ بدر ۾ وڃي ئي ساھ پٽينداسين، اڄڪلھ اتي ميلو لڳل آهي، سڄي عرب جا ماڻهو گڏ آهن، اسان اتي پنهنجي بهادري ڏيکارينداسين، مسلمانن جو نالو هميشه لاءِ مٽائي ڇڏينداسين (معاذ الله!)، پوءِ اهو سڀ ڪرڻ کان بعد اتي شراب پينداسين، رنڊيون اسان سان گڏ آهن، انهن کي نچائي جشن ملهائينداسين۔ ([1])

اَسْتَغْفِرُ اللہ! اَسْتَغْفِرُ اللہ! اهو هو ابوجهل جو جذباتي فيصلو، ان فيصلي جي بنياد


 

 



[1]...تفسیر بیضاوی مع حاشِیَہ شیخ زادہ، پارہ: 10، سورۂ اَنْفال، زیرِ آیت: 47، جلد: 4، صفحہ: 400 ماخوذًا۔