Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

به جذبات ئي جي بنياد تي ڪيو ويو۔

دُنيا جو پهريون قتل ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو...؟

حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ قابيل ٻئي پاڻ ۾ ڀائر هئا، قابيل کي حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ڪجھ اِختِلاف هو، حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هن اِختلاف کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن کي بارگاھ اِلٰهي ۾ قرباني پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ ان زماني ۾ قرباني قبول ٿيڻ لاءِ آسمان مان هڪ باھ اچي ان کي کائي وٺندي هئي۔ پوءِ قابيل قرباني ڏني ۽ حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به قرباني پيش ڪئي۔ حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قرباني قبول ٿي ۽ قابيل جي رَدّ ڪئي وئي۔ هاڻي قابيل کي کپي ها ته عقل سان ڪم وٺي، غور و فِڪر ڪري ها، سوچي ها ته آخر منهنجي قرباني ڇو قبول نه ٿي، ضرور هن ۾ منهنجي ڪا خامي هوندي پر هن جذباتي فيصلو ڪيو ۽ حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڌمڪي ڏيندي چيائين:

لَاَقْتُلَنَّكَؕ-  (پاره: 6، سورۃ المائدۃ: 27)

ترجمو ڪنز العرفان:  مان  ضرور توکي قتل ڪندس.

اهو قابيل جو جذباتي فيصلو هو! ان تي حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي برداشت جو مُظَاهرو ڪيائون ۽ اطمينان سان چيائون:

اِنَّمَا یَتَقَبَّلُ اللّٰهُ مِنَ الْمُتَّقِیْنَ(۲۷) (پاره: 6، سورۃ المائدۃ: 27)   

ترجمو ڪنز العرفان: الله صرف  ڊڄڻ وارن جي  قرباني قبول فرمائيندو آهي.

آخر قابيل کي سمجھ نه آئي، هو جذبات ۾ اچي بي قابُو ٿيو ۽ ڪاوڙ، حَسَد ۽ بغض جو شِڪار ٿي ان بدبخت حضرت هابيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي شهيد ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ فرمائي ٿو: