Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

فَطَوَّعَتْ لَهٗ نَفْسُهٗ قَتْلَ اَخِیْهِ فَقَتَلَهٗ فَاَصْبَحَ مِنَ الْخٰسِرِیْنَ(۳۰) (پاره: 6، سورۃ المائدۃ: 30) 

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان جي نفس ان کي پنهنجي ڀاءُ جي قتل تي راضي ڪري ورتو سو هن ان کي قتل ڪري ورتو ته اهو نقصان کڻندڙن مان ٿي ويو.

حديثِ پاڪ ۾ آهي: قيامت تائين جيترا قاتِل ٿيندا، انهن سڀني کي به گُنَاھ ملندو ۽ قابيل جي اعمالنامي ۾ به ان جو گُنَاھ لکيو ويندو ڇو ته ان قتل جي شروعات ڪئي۔

جذباتي ٿيڻ جو نتيجو: پڇتاءُ

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي جذباتي فيصلن جو نقصان...! قابِيل جذبات ۾ اچي ناحق قتل جو گُنَاھ پاڻ تي کنيو، نتيجو ڇا نڪتو...؟ پڇتاءُ۔ * اسان وٽ ماڻهو ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو ڪن ٿا، نتيجو ڇا نڪري ٿو؟ پڇتاءُ * روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھڻو هجي، رش لڳل هجي ته ماڻهو جذبات ۾ اچي ويندا آهن * واٽ هلندي ڪو اوچتو ٽڪرائجي ته ٻنهي ۾ لڙائي شروع ٿي ويندي آهي، نتيجو: پڇتاءُ * ڪيئي نوجوان جذباتي ٿيڻ سبب سيٺ يا مينجر وغيره سان اٽڪي پوندا آهن ۽ ٿوري ٿوري ڳالھ تي چڱي ڀلي ملازمت کي لت هڻي هليا ويندا آهن، پوءِ ڌڪا کائيندا وتندا آهن۔ نتيجو: پڇتاءُ * ڪجھ نادان نوجوان والدين جي ڪنهن ڳالھ تي ناراض ٿي جذباتي فيصلا ڪندا آهن ۽ گھر ڇڏي هليا ويندا آهن، نتيجو: پڇتاءُ * عموماً اهڙا نوجوان جرائِم پيشه افراد جي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ جڏهن انهن کي پنهنجي غلطي جو اِحسَاس ٿيندو آهي ته گھڻي دير ٿي ويندي آهي، هاڻي انهن وٽ ڇا بچي ٿو: پڇتاءُ۔ * ماڻهو معمولي ڳالهين تي جذبات ۾ اچي قتل ڪري ڇڏيندا آهن، سامهون وارو مري ويندو آهي ۽ اهي پاڻ جيل جي چڪي پيهندا آهن۔ انهن کي ڇا ورندو آهي: پڇتاءُ۔