Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

جيڪڏهن دِين جي ڳالھ کي ترجيح ڏيندو، غَم کي پي ويندو، جذبات تي قابُو ڪندو ته اهو شُعُوري فيصلو آهي ۽ ان کي صَبر چوندا آهن جنهن کي حديثِ پاڪ ۾ اڌ ايمان فرمايو ويو آهي۔

 معلوم ٿيو؛ فيصلو هميشه شُعُور (يعني عِلمِ دين مان حاصِل ٿيندڙ عقل جي روشني) ۾ ڪيو وڃي۔ باقِي رهيا جذبات... توڙي جو اسان وٽ ماڻهو جذبات ۾ اچي فيصلو ڪن ٿا پر حقيقت ۾ فيصلي ڪرڻ ۾ جذبات جو ڪو عَمَل دَخَل نه آهي۔

 اسان کي جذبات ڇو عطا ڪيا ويا آهن...؟

اَصل ۾ اسان جا جيڪي جذبات آهن؛ مثال طور خُوشي، ڏک، ڪاوڙ، بيزاري، محبت، پيار وغيره جيتري قسم جا به جذبات آهن، اهي جذبات اسان کي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ناهن ڏنا ويا، اهي جذبات اسان کي وابستگي جي لاءِ ڏنا ويا آهن۔ اسان هن دُنيا ۾ جيڪو ڪجھ ڪيون ٿا، ان جي لاءِ اسان کي 2 شين جي ضرورت پئي ٿي: (1): ڪم ڪرڻ جو فيصلو (2): ان ڪم سان وابستگي۔ مثال طور مسجد ۾ اذان ٿي، هاڻي اسان کي نماز پڙھڻي آهي ته سڀ کان پهريان اسان دِل ئي دِل ۾ فيصلو ڪنداسين ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي، نماز پڙھڻ هلو! اهو فيصلو ڪرڻ کان بعد ٻي شيء جيڪا ضروري آهي اها آهي ان فيصلي کي عملي طور نافذ ڪرڻ، نماز جي لاءِ نڪرڻ، مسجد ۾ پهچڻ، ان ڪم جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جي پنهنجي فيصلي سان گهري وابستگي هجي، جيڪڏهن فرض ڪيو اسان پنهنجي فيصلي سان وابسته نه رهي سگھياسين ته ٿي سگھي ٿو اسان جڏهن نماز پڙھڻ وڃي رهيا هجون، رستي ۾ ڪو بُرو دوست مِلي وڃي ۽ اسان ان جي ڳالهين ۾ اچي نماز قضا ڪري ڇڏيون يا شيطان اسان جي دِل ۾ وَسوَسو وجھي ۽ اسان پنهنجو فيصلو تبديل