Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخری نبی، رسولِ هاشمی صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخِل ٿئي ۽ سلام ڪري ته الله پاڪ ان جو ضامن آهي (ته جيڪڏهن هو زِندھ رهي ته رِزق ڏنو ويندو ۽ وفات ڪري ته الله پاڪ ان کي جنَّت ۾ داخِل ڪندو)۔([2])

(1) جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: ”بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندو مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله ڪريم جي مدد شاملِ حال رهندي (2): گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛ اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري، پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري، ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزي ۾ برڪت، ۽ گهرو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ (3): پنهنجي گهر ۾ ايندي ويندي مَحارِم و مُحَرَّمات (مثال طور ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ٻارن ٻچن وغيره) کي سلام ڪريو


 

 



[1]… مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، الفصل الثانی، ج1، ص55، حدیث:175

[2]... صحیح ابن حِبَّان، کتاب: البر والاحسان، صفحہ: 250، حدیث: 499۔