Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلمِ دِين سکندس * پورو بيان ٻڌندس * بااَدب ويهندس * تَوَجُّھ سان ٻڌندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غزوه بدر مان ملندڙ سبق

اللهُ رَحۡمٰن و رحيم پنهنجي پاڪيزه ڪلام، قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا وَّ رِئَآءَ النَّاسِ  (پاره: 10، سورۂ انفال: 47)  

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي نڪتا.

هن آيت سڳوري ۾ غزوۂ بدر مان حاصِل ٿيندڙ هڪ اَهم سبق بيان ڪيو ويو آهي۔ غزوه بدر اسلامي تاريخ جو اَهم ترين واقعو آهي، تاريخِ اسلام ۾ اهو پهريون موقعو هو جو جڏهن حق ۽ باطِل باقاعده آمهون سامهون ٿيا، بدر جي


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ: 81، حدیث: 1284۔