Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَكَّرُوْنَۙ(۲۱۹) فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِؕ-  (پاره: 2، سورۂ بقره: 219-220) 

ترجمه ڪنز العرفان: الله توهان لاءِ آيتون بيان فرمائي ٿو ته جيئن توهان غور ۽ فڪر ڪيو دنيا ۽ آخرت جي ڪمن ۾.

آيت سڳوري ۾ ٻه ڳالهيون بيان ٿيون آهن: (1):آيات، شريعت جا اَحڪام چٽا، واضِح ڪري بيان ڪيا ويا آهن (2): توهان دُنيا ۽ آخرت جي معاملات ۾ غور و فِڪر ڪيو!

شريعت جا اَحڪام کولي بيان ڪرڻ جو ڪهڙو مَقصَد آهي؟ اهوئي ته توهان شريعت جي هنن اَحڪامن کي سکو! چڱي طرح سمجھو! هي اهو درجو آهي جنهن کي حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عقلِ مَسمُوع فرمايو، يا جنهن کي شُعُور (يعني عِلم مان ملندڙ روشني) چيو ويندو آهي، پوءِ هي آيتون، شريعت جا اَحڪام کولي ڇو بيان ڪيا ويا آهن؟ هن ۾ حڪمت ڪهڙي  آهي؟ علَّامه بُقاعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: هن ۾ حڪمت اها آهي ته توهان غَور ۽ فِڪر ڪرڻ (يعني پنهنجي عقلِ مَطبُوع، اهو عقل جيڪو فطري طَور تي توهان کي عطا ڪيو ويو آهي، ان کي استعمال ڪرڻ) جي عادت بڻايو!([1])

معلوم ٿيو؛ اسان پنهنجي عقل جو لگام شريعت جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون، پوءِ شريعت جي روشني ۾ اسان کي جيڪو شُعُور ملي، جيڪو عقلِ مَسمُوع حاصِل ٿئي، ان جي بنياد تي فيصلا ڪيون۔ اهو  آهي فيصلو ڪرڻ جي اَصل بنياد...!

هڪ حديثِ پاڪ جي وضاحت

اچو! هڪ حديثِ پاڪ سمجھون ٿا۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... تفسیر نظمُ الدُّرَر، پارہ: 2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت: 219، جلد: 1، صفحہ: 417۔