Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

مجازي ۾ مبتلا نادان عاشِق پاڻ دريا ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي جان جي بازي هاريندو آهي بلڪه عشق مجازي ته جذباتي ٿيڻ جو اهو خطرناڪ ترين انداز آهي جيڪو ڪئي ڀيرا اِيمان کسيندڙ به ثابت ٿيندو آهي، ڪيترائي نادان عاشِق اهڙا آهن جيڪي عِشقِ مجازي جي چڪرن ۾ ڪفر جي انڌي وادي ۾ وڃي ڪرندا آهن ۔

گندن جذباتن ڪفر تائين پهچائي ڇڏيو

علَّامه اِبنِ جوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري اڪيلائي ۾ رهي عِبَادت ڪندو هو، ان جو معمول هو سڄو ڏينهن روزو رکندو هو ۽ سڄي رات نفل پڙھندو هو۔ هو ٽي سو سالن تائين ايئن اڪيلائي ۾ عبادت ڪندو رهيو پر افسوس! پوءِ هو عشقِ مجازي جي آفت ۾ مبتلا ٿيو ۽ جذبات جي هٿان مجبور ٿي دِينِ حق کان ڀٽڪي ڪفر جي کڏ ۾ وڃي ڪريو۔ ([1])

 اي عاشقانِ رسول! عِبرَت جو مقام آهي...! غور فرمايو! عشقِ مجازي عام طور تي شهواني جذبات ئي تي مشتمل هوندو آهي، هن آفت ۾ مبتلا ٿي هڪ عبادت گذار پنهنجي 3 سو سال جي عبادت برباد ڪري ويٺو ۽ ڪفر جي کڏ ۾ ڪري پيو۔ هن مان اندازو لڳايو! ته پنهنجي جذبات تي قابُو رکڻ، زِندگي جي هر موڙ تي سوچي سمجھي، قرآن ۽ سُنَّت جي روشني ۾، شُعُوري فيصلو ڪرڻ ڪيتري قدر ضروري آهي۔

جذبات ۾ اچي فيصلو نه ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي هڪ ٻي ڳالھ ٿوري تَوَجُّھ سان سمجھڻ جي آهي۔ اها هي ته اسان جي اندر وارو ڪو جذبو پنهنجي ذات جي اعتبار سان، پنهنجي وُجُود جي اعتبار سان هر گز نقصان ڏيندڙ نه آهي۔ ها! ڪجھ اهي جذبات


 

 



[1]... ذَمُّ الھَوی، صفحہ: 347۔