Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاھ آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِن شَآءَ اللهُ الڪَرِيم! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪيو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا 2 فائدا ٿيندا: * پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو * مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪرڻ جو ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته اهي سڀ ڪم (يعني مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره) به جائز ٿي ويندا۔

درود شريف جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن کي ڪا اَهم حاجت پيش اچي، هو مون تي ڪثرَت سان درود شريف پڙھي ڇوته درودِ پاڪ ڏُک، دَرد ۽ مصيبتن کي پري ڪري ٿو ۽ رِزق ۾ اِضَافو ڪري ٿو۔([1])

ہے سب دعاؤں سے بڑھ کر دُعا درود وسلام                 کہ رفع کرتا ہے ہر اِک بَلا  دُرود وسلام


 

 



[1]... بُستان الواعِظین، صفحہ: 241۔