Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

آهن۔ لهٰذا ذاتي طَور تي جذبات مفيد ئي هوندا آهن۔ ها! نقصان ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جذبات جي اَثَر هيٺ فيصلو ڪيون ٿا، اَصل ۾ جذباتي ٿيڻ انهيء کي چيو ويندو آهي يعني جذبات جي اَثَر هيٺ فيصلو ڪرڻ۔ لهٰذا پنهنجي زِندگي جو اهو اُصُول بڻائي وٺو ته جڏهن مون تي جذبات جو غلبو ٿيو، ان وقت مان ڪو فيصلو نه ڪندس۔

جذبات تي قابُو رکڻ به هڪ ذهانت آهي

اسان وٽ عام طور تي انگلش جي هڪ اِصطِلاح ڳالهائي ويندي آهي: I.Q (آئي۔ ڪيو)۔ شايد اسان مان هر هڪ اهو لفظ ٻُڌو هوندو، ان جو مطلب آهي: دِماغي ذهانت۔ جڏهن ڪٿي انٽرويو وغيره ڏيڻو هجي ته مختلف سوالن جي ذريعي I.Q (يعني ماڻھو جي ذهانت کي) چيڪ ڪيو ويندو آهي۔ اهڙي طرح هاڻي هڪ ٻي اِصطلاح به مُتَعَارِف ٿي چڪي آهي، ان کي چئبو آهي: E.Q (اِي۔ ڪيو) يعني جذباتي ذهانت۔ ماهرِينِ نفسيات جو مڃڻ آهي ته جيڪو پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪرڻ نٿو ڄاڻي، مثال طور جيڪو ڳالھ ڳالھ تي ڪاوڙ ڪندو آهي، غَم اچي ته پاڻ تي قابُو نٿو رکي سگھي، خُوشي ۾ پاڳل ٿي ويندو آهي، اهڙو شخص چاهي ڪيترو ئي ذهين ڇو نه هجي، هو پنهنجي جذبات جي ڪري وڏن نقصانن جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ ان ڪري هاڻي دُنيا جي مختلف ادارن ۾، مختلف دفترن ۾ ملازمت ڏيڻ جي لاءِ I.Q (يعني دماغي ذهانت) سان گڏوگڏ E.Q (جذباتي ذهانت) جو ٽيسٽ پڻ ورتو ويندو آهي، يعني ماڻهو ڪيترو ذهين آهي، ان سان گڏوگڏ اهو به ڏٺو ويندو آهي ته هو پنهنجي جذبات جو دُرُست استعمال ڪرڻ ۾ ڪيترو ماهر آهي۔

بزرگانِ دين جو پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان خبر پئي ته زِندگي جي سَفَر ۾ ڪاميابي جي لاءِ