Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

عِلم و حڪمت جا کوڙ سارا مدني گل آهن، هڪ اَهم مدني گل اسان کي جيڪو سکڻ لاءِ مليو اهو آهي: حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو فرمان:

وَ اُفَوِّضُ اَمْرِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ-

ترجمو ڪنزالايمان: :۽ مان پنهنجو ڪم  الله جي حوالي ڪريان ٿو

تَفوِيض: يعني پنهنجا مُعَاملا الله پاڪ جي حوالي ڪرڻ، ڪيڏو ئي وڏو امتحان اچي، ڪهڙي ئي مشڪل اچي، مؤمن ٻانهي جو بَس هڪ ئي ذِهن هجي: مان پنهنجا معاملا الله پاڪ جي حوالي ڪيان ٿو۔ ڏسو! حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو معاملو الله پاڪ جي سپرد ڪيو ته الله پاڪ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرعون کان حفاظت فرمائي ۽ جنگلي جانور جيڪي انسان جا دُشمن هوندا آهن، الله پاڪ انهن ئي کي سندن محافِظ بڻائي بيهاري ڇڏيو۔  

راحت ۽ سڪون ماڻڻ جو هڪ نسخو

          حُجَّة الاِسلام، امام محمدبن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا پير صاحِب فرمائن ٿا: دَعِ التَدْبِیْرَ اِلٰی مَنْ خَلَقَکَ تَسْتَرِح يعني پنهنجي تَدبِير پنهنجي خالِق جي حوالي ڪري ڇڏيو، سڪون ۽ راحت ۾ رهندؤ۔ (منہاج العابدین (مترجم)، صفحہ:300)

انسان پنهنجي تدبير ۾ ناقِص آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اها ڳالھ هميشه ياد رکڻ گھرجي ته اِنسان پنهنجي تدبير ۾ ناقِص آهي. اسان وٽ ڪمال جو عقل هجي، هزار سائنسي آلات هجن، اسان توڙي گھڻي ترقي ڪري وڃون، پوءِ به اسان جي تدبير ناقِص آهي، اَصل قُدرت، اَصل طاقت، اَصل تدبير الله پاڪ جي آهي، الله پاڪ جيڪا تدبير فرمائي ٿو اها ڪامِل ۽  اڪمل هوندي آهي۔

* سُلطَانُ المُفَسِّرِين حضرت عبد الله بِن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڏينهن تشريف فرما هئا، ماڻهو سندن جي بارگاھ ۾ حاضِر هئا، حضرت عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه ماڻهن کي دين جون ڳالھيون سيکاري رهيا هئا، ڄڻ هڪ درس وارو ماحَول هو،