Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

صَفَر جو مهينو منحوس نه آهي

هاڻي جيئن صَفَرُ المُظَفَّر آهي، کوڙ سارا وَهمي طبيعت جا ماڻهو صفر واري مهيني کي مصيبتن ۽ آفتن جي نازل ٿيڻ جو مهينو سمجهندا آهن * خصوصي طور تي ان جون ابتدائي تيرهن تاريخون، تمام گھڻيون منحوس سمجھيون وينديون آهن۔  * وهمي ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته صفر جي مهيني ۾ نئون ڪاروبار نه ڪرڻ گھرجي، نقصان جو خطرو آهي * صفر ۾ سفر ڪرڻ کان بچڻ گھرجي ايڪسيڊنٽ جو انديشو آهي،  * هن مهيني ۾ شاديون نه ڪريو، ڌيئرون نه اٿاريو، گھر برباد ٿيڻ جو امڪان آهي۔  * اهڙا ماڻهو وڏو ڪاروباري لين دين ناهن ڪندا * گھر جي ٻاهران اچ وڃ ۾ گھٽتائي ڪري ڇڏيندا آهن، اهي سڀ بدشگونيون آهن، وَهمي طبيعت آهي، توڪل جي ڪمي آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: لَاصَفَرَ صَفَر ڪجھ نه آهي.([1]) يعني ماڻهن جو صَفَر جي مهيني کي منحوس سمجھڻ غلط آهي.

بدشگوني عالمي بيماري آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! بدشگوني عالمي بيماري آهي ۽ حيراني جي ڳالھ ته اها آهي ته وڏا وڏا ترقي يافته چورائيندڙ ملڪ به هن بيماري جي وڪڙ ۾ آيل آهن، مختلف ملڪن ۾ ماڻهن عجيب عجيب وَهم پنهنجي دِل ۾ سانڍي رکيا آهن، مثال طور * صبح صبح ڪنهن انڌي سان ملاقات ٿي وئي * هڪ اک وارو ماڻهو سامهون اچي ويو * ڪو منڊو ملي ويو * ڪارو ڪانءُ يا ٻلّي سامهون کان لنگھي وئي * ڪم تي وڃڻ مهل راھ ۾ ڪو بُرو آواز ٻُڌو ته بدشگوني ورتي ويندي آهي ته هاڻي منهنجو ڪم نه ٿي سگھندو * ڏينهن مان بدشگوني ورتي ويندي آهي * ايمبولينس جي آواز سان * فائر بريگيڊ جي آواز سان بدشگوني ورتي ويندي آهي * ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ستارن واري راند سان پنهنجي زندگي کي غمگين بڻايو ويندو آهي * ڪي ماڻهو مهمان جي


 

 



[1]...بخاری، کتابُ الطِّب، بابُ الْجُذَام، حدیث:5707۔