Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

انسانن جو هڪ قبيلو آهي، اهي سخت خونخوار، ظالِم ۽ گھڻا طاقتور آهن، سورهين سيپاري جي ٻي رڪوع ۾ انهن جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي، اهي ماڻهن تي ظلم ڪندا هئا، حضرت سڪندر ذو القرنين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي هڪ مضبوط ديوار جي پويان قيد ڪري ڇڏيو هو، ان ديوار کي ”سَدِّ سڪندري“ چيو ويندو آهي، ترمذي شريف جي حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: ياجُوج ماجوج روزانو ان ديوار کي کوٽيندا هئا، ايستائين جو جڏهن ديوار ٽٽڻ جي ويجھو ٿي ويندي آهي ته انهن جو سردار چوندو آهي: هاڻي واپس موٽو، باقي سڀاڻي کوٽينداسين۔ جڏهن اهي هليا ويندا آهن ته الله پاڪ ان ديوار کي پهريان کان بهتر ڪري ڇڏيندو آهي، قُربِ قيامت جڏهن ياجُوج ماجوج جي قيد جي مُدَّت پُوري ٿي ويندي ۽ الله پاڪ انهن کي ماڻهن ڏانهن موڪلڻ چاهيندو، ان ڏينهن ان جو سردار چوندو: واپس موٽي وڃو! اِن شَآءَ الله! سڀاڻي ان کي ٽوڙينداسين، ٻي ڏينهن جڏهن هو واپس ايندا ته ديوار ائين ئي هوندي جيئن سڀاڻي کوٽي ويا ها، پوءِ ان ڏينهن ياجوج ماجوج ديوار کي ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندا۔([1])

بني اسرائيل جو ڳئون وارو واقعو

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بني اسرائيل جو واقعو ذِڪر فرمايو، بني اسرائيل جي ڳئون واري حڪايت، انهيء حڪايت جي مناسبت سان سوره بقره کي سوره  بقره چيو ويندو آهي، يعني اها سورت جنهن ۾ بني اسرائيل جي ڳئون جي عجيب حڪايت ذِڪر ڪئي وئي آهي۔

واقعو ايئن ٿيو ته هڪ ڀيري بني اسرائيل کي هڪ لاش مليو، ان جي قاتِل جو عِلم نه هو، بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيا ۽ قاتِل تلاش ڪرڻ جي درخواست ڪئي، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي حڪم سان فرمايو: هڪ ڳئون ذبح ڪيو۔ هاڻي بني اسرائيل کي گھرجي ها ته


 

 



[1]...ترمذی، کتاب: تفسیر القرآن، باب: سورۃ الکہف، صفحہ:728، حدیث:3153۔