Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي هد هد جي باري ۾ ٻڌايو ته هدهد زمين جي هيٺ وهندڙ پاڻي کي ڏسي وٺندو آهي ۽ پاڻي جي گهرائي جو به اندازو لڳائي وٺندو آهي۔ 

اهو ٻُڌي هڪ شخص سُوال ڪيو: عالي جاھ! اهو ڪيئن ٿو ٿئي سگھي؟ اسان جا ٻار ڄار وڇائن ٿا، ان تي ٿورڙي مٽي وجھي مٿان اَن جا داڻا ڇٽين ٿا، هد هد داڻو چڳڻ لاءِ ايندو آهي، اسان جا ٻار ان کي ان ڄار ۾ ڦاسائي پڪڙي وٺندا آهن۔ جڏهن هدهد ٿورڙي مٽي جي هيٺ وڇايل ڄار نٿو ڏسي سگھي ته زمين جي هيٺ ڪيئي فِٽ گهرائي ۾ وهندڙ پاڻي ڪيئن ٿو ڏسي سگھي؟

 حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان سُوال جو تمام ايمان افروز جواب ڏيندي فرمايو: اِذَا نَزَلَ الْقَضَاءُ وَ الْقَدْرُذَہَبَ اللُّبُّ وَ عَمِیَ الْبَصَرُ  يعني جڏهن تقدير غالب ايندي آهي ته عقل ڪم ناهي ڪندو، اکيون انڌيون ٿي وينديون آهن۔([1])

اهو ئي انسان جو حال آهي، الله پاڪ جي تدبير هميشه غالِب ٿيندي آهي، انسان جون تدبيرون اڌوريون رهجي وينديون آهن۔ * مولانا رُوم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مَثنَوِي شريف ۾ هڪ عبرتناڪ حڪايت لکي آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ فلسفي ڪٿان لنگھي رهيو هو، ان جي ڪنن ۾ تِلاوتِ قرآن جو آواز آيو، ڪو شخص سوره  مُلڪ جي تِلاوت ڪري رهيو هو، ان جڏهن سوره مُلڪ جي آخري آيت تِلاوت ڪئي، جنهن  ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ یَّاْتِیْكُمْ بِمَآءٍ مَّعِیْنٍ۠(۳۰) ( سيپاري29،سورةالملڪ:30)       

ترجمو ڪنزالايمان: اوهان فرمايو ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن صبح جو توهان جو پاڻي زمين ۾ صفا هيٺ لهي وڃي ته پوءِ اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي پاڻي آڻي ڏيندو نگاھ جي سامهون وهندڙ.


 

 



[1]...تفسیر بغوی، پارہ:9، سورۂ نمل، زیرِ آیت:20، جلد:3، صفحہ:392۔