Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

آهي۔  ٿورو غور ڪيو! اهي ئي ترقي يافته تهذيبون آهن جيڪي دِينِ اسلام کي دَقيانوسي (يعني گھڻو پُراڻو) مذهب چئي اسلام جو مذاق اُڏائن ٿيون ۽ پاڻ انهن  جو حال ڏسي وٺو! پاڻ ڪنهن دَور ۾ زِندگي گذاري رهيا آهن، اڄ کان هزارين سال پهريان جا ماڻهو ۽ اهي به ڪافِر بدشگونيون وٺندا هئا، مثال طور فِرعَون ۽ ان جي قوم تي جڏهن ڪو بُرو وَقت ايندو هو، الله پاڪ جي طرفان عذاب ايندو هو ته اهي چوندا هئا:

وَ اِنْ تُصِبْهُمْ سَیِّئَةٌ یَّطَّیَّرُوْا بِمُوْسٰى وَ مَنْ مَّعَهٗؕ-  ( سيپاري:9، سوره  اعراف، آيت:131)  

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن انهن کي تڪليف پهچي ته موسيٰ ۽ ان جي ساٿين سان بدفال وٺن ٿا.

اها آهي اَصل دقيانوسِيت، نمرود، فِرعون ۽ هامان وغيره واري ذِهنيت...! اسلام الحمد لله! پاڪيزه دِين آهي، اسلام اسان کي وَهم پرستي کان نجات ڏي ٿو، اها اسلام ئي جي تعليم آهي: جو هن دُنيا ۾ حقيقي مُؤَثِّر صِرف الله پاڪ جي ذات آهي، الله پاڪ چاهي ته جبل به ننڍڙو ذرو بڻجي وڃي ۽ الله پاڪ نه چاهي ته ذَرو به پنهنجي جڳھ کان نه چُري سگھندو، اسلام اسان جي فِڪر کي روشن ڪري ٿو، اسلام اسان جي دِل کي روشني ڏي ٿو، اسلام اسان جي ذهن کي فَعَّال بڻائي ٿو، اسلام اسان کي وَهم پرستين جي قيد کان نجات ڏي ٿو.

بدشگوني جي باري ۾  4 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

* اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: لَیْسَ مِنَّا مَنْ تَطَیَّرَ وَ لَا تُطُیِّرَ لَہٗ جنهن بدشگوني ورتي ۽ جنهن جي لاءِ بدشگوني ورتي وئي اهي اسان مان نه آهن۔([1]) * اسان جي نبي، سچي نبي، پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: جنهن ڪهانت ڪئي يا جيڪو تيرن جي ذريعي فال ڪڍي يا جيڪو بدشگوني جي ڪري سفر تان موٽي اچي اهو شخص


 

 



[1]...مُسْنَدِ بَزَّاز، جلد:9، صفحہ:52، حدیث:3578۔