Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

يا 5 ڏينهن سمنڊ ۾ گذاري سگھيو، پنهنجي پهرين ئي سَفَر ۾ ٽائي ٽينڪ هڪ برفاني ڇِپ سان ٽڪرائجي ٻڏي فنا ٿي ويو۔

اهو آهي انسان جي تدبير جو حال...! معلوم ٿيو اِنسان چاهي جيتري به ترقي ڪري وٺي، جيترو به عقل مند ٿي وڃي، جيترو به طاقتور ٿي وڃي، بهرحال انسان پنهنجي تدبير ۾ ناقِص آهي، ۽ اها ئي حقيقت آهي، ان کي ڪڏهن  رد  نٿو  ڪري  سگھي۔

کسی کو سوچوں نے کب سراہا، وہی ہوا جو خُدا نے چاہا

جو اختیارِ بَشَر پہ پہرے بٹھا رہا ہے، وہی خُدا ہے

 نتيجن جو مالِڪ الله پاڪ آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هن ڳالھ تي به غور فرمايو ته اسان هن دُنيا ۾ صِرف ڪم جو اختيار رکون ٿا، نتيجن جو اِختيار اسان وٽ نه آهي، نتيجن جو مالِڪ الله پاڪ آهي، اسان هن دُنيا ۾ خواب سجايون ٿا، اسان منصوبا جوڙيون ٿا، اسان محنت ڪيون ٿا، اسان ڪم ڪيون ٿا، پنهنجي طرفان گھڻو اعتماد هوندو آهي ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ئي ويندس، پر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪو رب کي منظور آهي، نتيجو اهو ئي نڪري ٿو جيڪو الله پاڪ چاهي ٿو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

مٰلِكِ یَوْمِ الدِّیْنِؕ(۳)

ترجموڪنزالايمان: جزا جي ڏينهن جو مالڪ آهي.

 مُفَسر سڳورا فرمائن ٿا: هن آيت ۾ يومِ الدِّين مان قيامت جو ڏينهن مراد آهي، جنهن ڏينهن هر هڪ کي ان جي عمل جي مطابق سزا يا جزاء ڏني ويندي پر اسان غور ڪريون ته هن دُنيا ۾ مُڪافَاتِ عَمَل (يعني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو معاملو) جاري آهي، اسان جيڪو ڪيون ٿا، ان جو نتيجو نڪري ٿو، چڱائي