Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

کي دُرُست اسلامي تعليمات سکڻ، سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم  

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: 72 نيڪ اعمال

 پيارا اسلامي ڀائرو!  اِسلام جي تعليمات سکڻ ۽ انهن تي عمل جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو،  اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان جي برڪت سان دين ۽ دُنيا جون بي شمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: 72 نيڪ اعمال۔

”72 نيڪ اعمال“  شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو عطا ڪيل نيڪ بڻجڻ جو بهترين نسخو آهي، اميراهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه پنهنجي مريدن، شاگردن، چاهيندڙن بلڪ سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول جي تربيت جي لاءِ پنهنجي علمي و روحاني تجربي جي روشني ۾ 72 سوال لکيا آهن، هر سُوال جي هيٺ خانا ٺهيل آهن، روزانو مقرر وقت تي انهن سوالن جي مطابق  پنهنجو محاسبو ڪرڻ ۽ ان جي مطابق خانا پُر ڪرڻا هوندا آهن، الحمد لله! مُشَاهدو آهي ته پابندي سان 72 نيڪ اعمال جو رسالو ڀرڻ سان نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذِهن بڻجندو ۽ ڪردار ۾ نمايا تبديلي ايندي آهي۔

نيڪ بڻجڻ جو زبردست فارمولو

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: اسان جي علائقي جي مسجد جو امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهي، ان هڪ ڏينهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي 72 نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ ڏنو، ڀاءُ گھر اچي ان کي پڙهيو ته حيران ٿي ويو ته هن مختصر رسالي