Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

پکڙجندي۔ مون کي انديشو آهي ته طوفان ايندو وغيره۔ اهڙي جڳھ اِن شَآءَ الله چوڻ درست نه آهي۔([1]) 

صَلُّوا عَلَي الحَبِيب                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

وَهم  پرستي کان نجات جي راھ

پيارا اسلامي ڀائرو! اِن شَآءَ الله جون تمام گھڻيون برڪتون آهن، جيڪڏهن اسان اِن شَآءَ الله جو مفهوم دِل ۾ ويهاريون  يعني دِل ۾ پَڪو يقين ڪري وٺون ته جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته اهو ڪم ٿي ويندو نه ته نه ٿيندو، ان يقين سان جيڪڏهن هر ڪم ۾ اِن شَآءَ الله چوڻ جي عادت ٿي وڃي ته ان جي برڪت سان اسان وَهم پرستي، بدشگوني ۽ بي شُمار جاهلانه حرڪتن کان بچي وينداسون۔ مثال طور تي هڪ شخص ڪنهن اَهم ڪم جي لاءِ گھر کان نڪتو ۽ اُن معني کي ذهن ۾ رکي چيو: اِن شَآءَ الله مان فُلاڻو ڪم ضرور ڪري ايندس۔ هاڻي رستي ۾ ڪاري ٻلِّي ان جي راھ ٽپي ته اهو موٽي گھر واپس نه ايندو، اهو ٻانهو ايئن نه سوچيندو ته ڪاري ٻلي منهنجو رستو ڪٽيو آهي ته هاڻي مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھندس۔ ڇو؟ ان ڪري جو مان اهو پنهنجو ذِهن بڻائي چڪو آهيان: اِن شَآءَ الله يعني جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته مان اهو ڪم ڪندس، هاڻي ڪاري ٻلي راھ ڪٽي يا ڪارو ڪانءُ سامهون کان لنگھي وڃي، مطلب ڪجھ به ٿي وڃي جيڪڏهن الله پاڪ چاهي ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ئي رهندس، دُنيا جي ڪا طاقت مون کي ناڪام نٿي ڪري سگھي ۽ جيڪڏهن الله پاڪ نه چاهي ته چاهي ڪيتري ئي ڪوشش ڪندس، دُنيا جي ڪا طاقت مون کي منهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي ڪري سگھي۔

معلوم ٿيو؛ جيڪڏهن اسان اِن شَآءَ الله چوڻ جي عادَت بڻايون ۽ اِن شَآءَ الله جي مفهوم تي پختو يقين ڪيون ته ان جي برڪت سان اسان بدشگوني کان بچي وينداسين.


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:70، جلد:1، صفحہ:467، خلاصۃً۔