Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

يڪدم ڪا ڳئون وٺي ذبح ڪن ها ۽ الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪن ها پر بني اسرائيل سوال ڪرڻ شروع ڪيا۔

اها سخت عبرت جي ڳالھ آهي، الله پاڪ جيڪو حڪم ارشاد فرمائن، الله پاڪ جا نبي جيڪو حڪم ڏين، ان تي يڪدم عمل ڪرڻ گھرجي، الله ۽ رسول جي اَحڪام تي سوال ڪرڻ، اعتراض ڪرڻ، تحقيق ۾ پوڻ اهو ٻانهي جو ڪم نه آهي، ٻانهو ته ٻانهو آهي، ان کي گھرجي حڪم تي عمل ڪري ۽ بَس... ڪنهن ڇا خوب چيو آهي:

عَاشِقَاں رَا چِہْ کار بَا تَحْقِیْق                                                                                ہَر کُجَا نَامِ اُوْسْتْ قُرْبَانَیْم

ترجمو: عاشقن کي تحقيق سان ڪهڙو ڪم؟ جتي محبوب جو نالو اچي ويندو آهي، بَس قربان ٿي ويندا آهن۔

جڏهن الله پاڪ فرمائي ڇڏيو، الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو ته هاڻي تحقيق ڪرڻ، سوال پڇڻ ٻانهي جو ڪم نه آهي، خير! بني اسرائيل حڪم ٻُڌي سوال شروع ڪيا: ان ڳئون جي عمر ڪيتري هئڻ گھرجي؟ حڪم ٿيو: نه پوڙھي نه جوان، بلڪ وچين عمر جي هجي۔ بني اسرائيل وري پڇيائون: ڳئون جو رنگ ڪهڙو هجي؟ حڪم ٿيو: ڦڪي رنگ جي. پهريان جڏهن حڪم مليو هو، ڪا به ڳئون قربان ڪن ها ته حڪم تي عمل ٿي وڃي پر انهن سوال ڪيا، جيئن جيئن هو سوال ڪندا ويا، شرط وڌيڪ ٿيندا ويا، هاڻي انهن پڇيو: ڳئون جو مُعَامَلو پُوري طرح واضح ناهي ٿيو، اي موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام! دُعا ڪيو ته اسان جي لاءِ ڳئون جو مُعَامَلو پُوري طرح واضِح ڪيو وڃي.

وَ اِنَّاۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ لَمُهْتَدُوْنَ(۷۰) ( سيپاري:1، سوره  بقره، آيت:70)        

ترجموڪنزالايمان: ۽ الله گهريو ته اسان سڌي واٽ لهي وينداسون.

  ٽين سُوال تي اچي انهن اِن شَآءَ الله چيو، تڏهن انهن جي لاءِ ڳئون جون پُوريون