Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

پُوريون ۽ واضِح نشانيون بيان ڪيون ويون، حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪڏهن اهي اِن شَآءَ الله نه چون ها ته انهن جي لاءِ ڳئون جو مُعَاملو واضِح نه ڪيو وڃي ها. خير! پوءِ بني اسرائيل شرطن جي مطابق ڳئون ڳولي، سڄي علائقي ۾ صِرف هڪ ئي اهڙي ڳئون ملي، ان کي بني اسرائيل مهانگي قيمت ۾ خريد ڪري ذبح ڪيائون، پوءِ ان ڳئون جي گوشت جو هڪ ٽڪر ان لاش جي جسم سان لڳايو ته الله پاڪ جي قدرت سان مُردو زِندو ٿي ويو، ان پنهنجي قاتِل جو نالو ٻڌائي ٻيهر موت جي ننڊ سمهي پيو۔([1]) 

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اِن شَآءَ الله جون ڪيتريون برڪتون آهن۔ جيڪڏهن بني اِسرائيل اِن شَآءَ الله نه چون ها ته انهن جي لاءِ ڳئون وارو مُعَاملو ظاهر نه ڪيو وڃي ها ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھن ها. جڏهن انهن پنهنجي مرضِي کي فَنَا ڪيو، پنهنجي ارادي کي فَنَا ڪيو، پنهنجي مرضِي کي، پنهنجي ارادي کي الله پاڪ جي حوالي ڪيو ته الله پاڪ انهن کي انهن جي مقصد ۾ ڪاميابي عطا ڪئي. مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:  هر اُمِّيد تي اِن شَآءَ الله  چوڻ ضروري آهي نه ته اها اُمِّيد پُوري نه ٿيندي. اِن شَآءَ الله چوڻ ۾ عقيدي ۽ عمل جي اِصلاح آهي، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اِن شَآءَ الله چوڻ وارو پنهنجي طاقت تي ڀروسو نٿو ڪري بلڪه رَبّ جي مدد تي ڀروسو ڪري ٿو۔

ها! خيال رهي! صِرف جائِز ۽ بهتر ڳالھين  تي اِن شَآءَ الله  چوڻ گھرجي، حرام شين،  بلائن ۽ آفتن تي اِن شَآءَ الله نه چيو ويندو۔ مثال طور اهو چوڻ: اِن شَآءَ الله مان نماز پڙھندس، اهو نه چئو ته اِن شَآءَ الله مان چوري ڪندس۔ هيئن چئو: اِن شَآءَ الله بيمار کي آرام پهچندو۔ اهو نه چئو: اِن شَآءَ الله بيماري پکڙجي ڇوته بيماري بَلا ۽ آفت آهي، اهڙو ڪو جملو ڳالهائڻو ئي پئي ته لفظ  ”انديشو“ استعمال ڪرڻ گھرجي، مثال طور هيئن چيو وِڃي: مون کي انديشو آهي ته وباء


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:67 تا70، جلد:1، صفحہ:141-143 خلاصۃً۔