Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف  

 (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي، اعتڪاف جي نيت ضرور ڪري وٺو، نيت دل جي ارادي کي چوندا آهن، دل ئي ۾ نيت ڪري وٺو ته مان اعتڪاف سان آهيان، توهان معتڪف ٿي ويندؤ، دل ۾ نيت حاضر هوندي زبان سان به دهرائي وٺڻ سٺو آهي، چاهي پنهنجي مادري زبان ئي ۾ چئي وٺو: مون سنت اعتڪاف جي نيت ڪئي.! اِنْ شَآءَ اللہ! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو،

 درودِ پاڪ جي فضيلت

الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو ٻانهو محبت ۽ شوق سان 3 ڀيرا ڏينهن جو ۽ 3 ڀيرا رات جو مون تي درودِ پاڪ پڙھي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي ان ڏينهن ۽ ان رات جا گُنَاھ مُعَاف فرمائي ڇڏي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿورو ڌيان ڏيون ته وڏي آساني سان گُنَاھ بخشرائي سگھون ٿا، مثال طور صبح نمازِ فجر باجماعت ادا ڪريون، ڪنڌ جھڪائي اکيون بند ڪري ۽ سبز سبز گنبذ جو تَصَوُّر ڪري 3 ڀيرا درودِ پاڪ


 

 



[1]...معجم الکبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316۔