Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

* سيپاري:23، سوره  صافات، آيت:102 ۾ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي اِن شَآءَ الله چوڻ جو ذِڪر آهي اهڙي طرح ٻيا  انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام به ان شاء الله چوندا هئا * الحمد لله!  اِن شَآءَ الله  چوڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي به سُنَّت آهي * رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آئنده ڪنهن ڳالھ جو ارادو ڪندا هئا ته اڪثر اِن شَآءَ الله چوندا هئا * هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شفاعت جو ذِڪر ڪندي فرمايائون: منهنجو هر اُمَّتي جيڪو شرڪ نه ڪري، اِن شَآءَ الله منهنجي شفاعت ان کي ملندي۔([1])

اِن شَآءَ الله چوڻ جون ڪجھ برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته هن سُنَّت مصطفيٰ تي عمل ڪريون ۽ اِن شَآءَ الله چوڻ جي عادت بڻايون۔ اِن شَآءَ الله چوڻ جون کوڙ برڪتون آهن * اِن شَآءَ الله چوڻ ۾ عقيدي جي اِصلاح آهي، * اِن شَآءَ الله چوڻ ۾ عَمَل جي اِصلاح آهي * اِن شَآءَ الله چوڻ وارو اهو اقرار ڪندو آهي ته مان ٻانهو آهيان ۽ ٻانهو پنهنجي مالِڪ جي مرضِي جي تابِع هوندو آهي * اِن شَآءَ الله چوڻ وارو هن ڳالھ جو اقرار ڪري ٿو ته مان ڪجھ به نه آهيان، منهنجي مرضِي ڪجھ ناهي، جيڪو ڪجھ آهي صِرف منهنجو مالِڪ آهي، منهنجي پياري  الله پاڪ جي مرضِي جي بغير پَتّو به نٿو چُري سگھي * اِن شَآءَ الله چوڻ وارو تَوحِيد جي تقاضائن تي عَمَل ڪري ٿو * اِن شَآءَ الله چوڻ ۾ خود پسندي جي ڪاٽ آهي * اِن شَآءَ الله چوڻ ۾ غرور ۽ تَڪبُّر جي ڪاٽ آهي * اِن شَآءَ الله چوڻ وارو پنهنجي مرضي کي الله پاڪ جي مرضِي جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو ٻانهو پنهنجي مرضِي فَنا ڪري، پاڻ کي الله پاڪ جي مرضِي جي حوالي ڪري، ڪاميابي ان ٻانهي جا قدم چُمندي آهي۔

جڏهن ياجُوج ماجُوج اِن شَآءَ الله چوندا...

ياجوج ماجوج جي حوالي سان وڏي مشهور روايت آهي، ياجوج ماجوج


 

 



[1]...کتابُ الزُہد لِاِبْنِ مبارک،  صفحہ:312، حدیث:1068 ۔