Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

مِائَةِ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سو شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                                 یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”نيڪ فال وٺڻ“ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بَدفالي ڪا شيء ناهي ۽ فال سٺي شيء آهي۔ ماڻهن عرض ڪيو: فال ڪهڙي شيء آهي؟ فرمايائون: سٺو جملو جيڪو ڪنهن کان ٻڌو۔([3])

نيڪ فال جو مطلب: مثال طور ڪنهن ڪم کان نڪري، راھ ۾ تِلاوتِ قرآن جو آواز ٻُڌو يا ڪنهن بزرگ جي زيارت ٿي وئي ته ان کان اُمِّيد رکڻ ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! مقصد ۾ ڪاميابي ٿيندي، اهو نيڪ فال آهي۔

نيڪ فال وٺڻ شرعاً مُستَحَب (يعني پسنديده) آهي ۽ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کان ثابت آهي، مُفَسِّر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نيڪ فالي کي سُنَّتِ مصطفيٰ لکيو آهي.[4]) اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نيڪ فال وٺڻ پسند هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي موقعن تي نيڪ فال ورتو هو، مثال طور * صلح حُدَيبِيه جي موقعي تي جڏهن ڪافرن سان مذاڪرات ٿيڻا ها، ڪافرن پاران حضرت سُهيل بن عَمرو رَضِىَ اللهُ عَنۡه  سفير بڻجي آيا (هو اُن وقت تائين مسلمان نه ٿيا هئا) پياري  آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ان جي نالي مان نيڪ فال وٺندي فرمايائون: قَد سَهلَ لَکم مِن اَمرِکم


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:115۔

[3]...بُخاری، کتاب:الطب، باب: الطیرۃ، صفحہ:1454، حدیث:5754۔

[4]...مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:255۔