Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

يعني هاڻي توهان جو ڪم آسان ٿيندو.([1]) * هڪ ڀيري حضرت بُريده اسلمي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي قبيلي جي 70 افراد سان بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پياري  آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان پڇيو: اوهان ڪير آهيو؟ عرض ڪيائين: اَنَا بُرَيدَه مان بُريده آهيان، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ان جي نالي مان نيڪ فال وٺندي فرمايائون: بَرَدَ اَمرُنا وَ صَلُحَ اسان جو معاملو ٿڌو ٿي ويو ۽ دُرست ٿي ويو۔([2])

خيال رهي! نيڪ فال ڪنهن چڱي ڳالھ، نيڪ شخص جي زيارت يا بابرڪت ڏينهن کان وٺي سگھجي ٿي، پکين ۽ جانورن کان جهڙي طرح بُرو شگون وٺڻ منع آهي اهڙي طرح پکين ۽ جانورن مان نيڪ فال وٺڻ جي به اجازت نه آهي۔([3])


 

 



[1]...بُخاری، کتاب: الشروط، صفحہ:704-707، حدیث:2731-2732۔

[2]...الاستیعاب فی معرفۃ الاصحاب، جلد:1، صفحہ:263۔

[3]...بَدْ شُگُونی، صفحہ:116۔