Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

پڙھون، اهڙي طرح رات جو سمهڻ مهل چاهي بستر ئي تي قبلي ڏانهن چهرو ڪري ويهي، ڪنڌ جھڪائي، اکيون بند ڪري ۽ پياري پياري گنبذِ خضراء جو تَصَوُّر ڪري 3 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھي وٺون، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان ڏينهن ۽ ان رات جا گُنَاھ مُعَاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيره گُنَاھ سچي توبه سان مُعَاف ٿيندا آهن، اهڙي طرح قضا نمازون، قضا روزا، ٻانهن جا مالِي، جسماني حق ذِمّي تي هجن ته انهن جي ادائيگي پڻ لازمي آهي۔

وہ تَو نہایت سستا سودا، بیچ رہے ہیں جنت کا               ہم مفلس کیا مول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے

(حدائقِ بخشش، صفحہ:186)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

پيارا اسلامي ڀائرو! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکندس* اَدَب سان ويهندس * پورو بيان ٻڌندس     

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايمان افروز حڪايت

سيپاري: 24، سوره مؤمِن، آيت: 44 ۾ آهي:

وَ اُفَوِّضُ اَمْرِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ بَصِیْرٌۢ بِالْعِبَادِ(۴۴)

ترجمو: ۽ مان پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسي ٿو.