Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

بلند ڪيو، ماڻهن کي جنّت ڏانهن گھرايو، انهن کي نيڪ راھ جي ترغيب ڏني ماڻهو ان مبلغ جا دُشمن ٿيا * حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام 950 سال تبليغ فرمائي، ماڻهن کي جنّت جي راھ ٻڌائيندا رهيا، الله پاڪ جو قُرب حاصِل ڪرڻ جو دُرست طريقو ٻڌائيندا رهيا، ترقي جون راهون ڏيکاريندا رهيا، ۽ سمجھائيندا رهيا پر قوم حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو، 950 سال ۾ صِرف 80 ماڻهن ڪلمو پڙھيو، ماڻهو حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام تي ظلم ڪندا هئا، مذاق مسخري جو نشانو بڻائيندا هئا ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي مَعَاذَ الله! جسماني تشدد ڪرڻ کان به نه مڙندا هئا * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حق جو آواز بلند ڪيو، ماڻهن کي جنّت جي راھ ڏيکاري ته نمرود ۽ ان جي قوم حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي مَعَاذَ الله! ڀڙڪندڙ باھ ۾ اڇلائڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي * ڪيترن نبين سڳورن عَلَيهمُ السَّلَام کي ته مَعَاذَ الله! سرڪش ڪافِرن شهيد به ڪيو هو۔

مطلب؛ اهو انساني تاريخ جو تمام بڇڙو پهلو آهي جيڪو انسان خود پسندي جو شڪار ٿيندو آهي، انسان غرور ۽ تَڪبُّر جي نشي ۾ حواس وڃائي ويهندو آهي، هوڏي ٿي ويندو آهي، ضد ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ته انهيء خودپسندي جي ڪري، انهيء غرور ۽ تَڪبُّر جي ڪري ذِلَّت جي اهڙي اونهي کڏ ۾ ڪرندو آهي جو ان کي ٻيهر ڪنڌ کڻڻ جي همّت ناهي ٿيندي۔ فرعون به ايئن ئي هو، اهو به خود پسندي جو شڪار هو، اهو به غرور ۽ تَڪبُّر جي نشي ۾ بدمست هو، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي حق جي دعوت ڏيندا هئا، جنّت جو رستو ٻڌائيندا هئا ۽ هو تاج و تخت جي نشي ۾، حڪومت جي نشي ۾، طاقت جي نشي ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي خِلاف سازش ڪري رهيو هو، هو دليلن جي ذريعي ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو مقابلو نه ڪري سگھيو هو، جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي نبي هئڻ جا دليل ڏنا، معجزات ڏيکاريا ته فرعون چيو: اهو جادُو آهي۔ فرعون جادُوگر گڏ ڪيا، مقابلو ڪرايائين، جادُوگرن پنهنجون پنهنجون رسيون اڇلايون، سڀني جون رسيون نانگ بڻجي ويون، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن ان جي مقابلي ۾ پنهنجو عَصَا(لٺ) مبارڪ ميدان