Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

۾ اڇلايو ته اهو تمام وڏو ازدھو(وڏو نانگ) بڻجي ويو ۽ جادُوگرن جي رسين کي ڳيهي ويو، ان عظيم الشَّان معجزي کي ڏسي سمورا جادُوگر سجدي ۾ ڪري پيا، سڀئي  ڪلمو پڙھي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جا پيروڪار بڻجي ويا۔([1])

يعني فرعون دليلن جي ذريعي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو مقابلو نه پئي ڪري سگھيو، ان ڪري هُن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي، پنهنجا وزير مشير گھرائي انهن کي پنهنجي منصوبي تي راضي ڪيائين۔

 پر الله پاڪ جي قُدرت ڏسو! پهريان هڪ ڀيري جڏهن فرعون کي خواب جي ذريعي خبر پئي ته بني اسرائيل جو هڪ ٻار فرعون جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيندو، ان وقت فرعون هزارين ٻار قتل ڪرايا هئا، پر الله پاڪ جو شان ته ڏسو! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام انهيء جي گھر ۾، ان جي اکين جي سامهون نپيو وڏو ٿيو ۽ هو ڪجھ به نه ڪري سگھيو،([2]) هاڻي جڏهن فرعون حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي شهيد ڪرڻ جا منصوبا جوڙي رهيو هو ته الله پاڪ انهيءَ جي قوم مان، ان جي قبيلي مان، ان جي خاندان مان، ان جي سوٽ حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو حمايتي بڻائي ڇڏيو۔ پوءِ جڏهن فرعون حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي مَعَاذَ الله! شهيد ڪرڻ جو منصوبو بڻايو، ان وقت فرعون جي سوٽ حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي غيرتِ ايماني جوش ۾ آئي، جيستائين انهن کي پنهنجي جان جو خطرو هو، ان وقت تائين هن پنهنجو ايمان لڪايو هو پر هاڻي ڳالھ الله پاڪ جي نبي، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي عزّت جي هئي، هاڻي اِيمان لڪائڻ حڪمت جي خلاف هو، تنهنڪري حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فِرعَون کي روڪيو، درٻار ۾ بيهي هڪ ڊگھي تقرير ڪئي، فِرعون کي ۽ ان جي درٻارين کي الله پاڪ جي عذاب کان ڊيڄاريو، حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام، حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام، حضرت صالح عَلَيۡهِ السَّلَام جي قومن جو حال ٻُڌايو، انهن کي حضرت يوسُف


 

 



[1]...تفصیل کے لئے دیکھئے:پارہ:9، سورۂ اعراف، آیت:109 تا 122۔

[2]...صراط الجنان، پارہ:24، سورۂ مؤمن، زیرِ آیت:25، جلد:8، صفحہ:548۔