Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

عَلَيۡهِ السَّلَام جي نبوت وارو دور ياد ڏياريو ته هن ئي مِصر جي مُلڪ ۾ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام جي حڪومت هئي، حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام به الله پاڪ جا نبي هئا، حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام به انهيء ڳالھ جي دعوت ڏيندا هئا، جنهن ڳالھ جي دعوت اڄ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ڏئي رهيا آهن، ان ڪري اي فرعون! اي فرعون جي قوم! اي فرعون جا وزيرؤ! توهان به ڪلمو پڙھو، ايمان قبول ڪيو، الله پاڪ جي عذاب کان پناھ گھرو، جنّت جي راھ تي هلو۔

حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها هڪ وڏي تقرير هئي جنهن کي الله پاڪ سيپاري: 24، سوره مؤمِن ۾ ذِڪر فرمايو آهي۔ (تفصیل کے لئے دیکھئے: پارہ:24، سورۂ مؤمن، آیت: 26 تا 45) ان جي اها سڄي تقرير ٻُڌي به فِرعَون کي، ان جي وزيرن، مشيرن کي عقل نه آيو، آخِر ۾ ان پنهنجي ڳالھ خَتم ڪندي فرمايو:

فَسَتَذْكُرُوْنَ مَاۤ اَقُوْلُ لَكُمْؕ-  ( سيپاري:24، سوره  مؤمن:44)

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ اجهو اهو وقت اچڻ وارو آهي جيڪي مان اوهان کي چئي رهيو آهيان ان کي ياد ڪندؤ

يعني اي فرعون! اي فرعون جا ساٿيو! اڄ توهان کي منهنجي ڳالھ سمجھ نه پئي اچي پر عنقريب جڏهن الله پاڪ جو عذاب ايندو ۽ توهان کي پنهنجي وڪڙ ۾ وڪوڙي ڇڏيندو، تڏهن توهان منهنجي ڳالھين کي ياد ڪندؤ. ان تي فرعون ۽ ان جي وزيرن، مشيرن ان غيرت مند مؤمن حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڌمڪي ڏيندي چيو: تو اسان جي دين جي مخالفت ڪئي ته اسان توسان بُرو سلوڪ ڪنداسين۔  (صراط الجنان، پارہ:24، سورۂ مؤمن، زیرِآیت:44، جلد:8، صفحہ:568)

ان تي حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پخته ايمان جو مُظَاهرو ڪندي چيو:

وَ اُفَوِّضُ اَمْرِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ بَصِیْرٌۢ بِالْعِبَادِ(۴۴)

ترجمو ڪنزالايمان: :۽ مان پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسي ٿو.