Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

رکھتے ہیں جو اللہ کی قُدْرت پہ بھروسہ                              دُنیا میں کسی کی وہ خوشامد نہیں کرتے

 حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو معاملو الله پاڪ جي حوالي ڪيو ته الله پاڪ فِرعون کان سندن حِفَاظت فرمائي۔ ارشاد آهي:

فَوَقٰىهُ اللّٰهُ سَیِّاٰتِ مَا مَكَرُوْا وَ حَاقَ بِاٰلِ فِرْعَوْنَ سُوْٓءُ الْعَذَابِۚ(۴۵)  ( سيپاري:24، سوره  مؤمن، آيت:45)        

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ الله ان کي بچائي ورتو انهن جي سازشن جي برائي کان ۽ فرعون وارن کي بري عذاب اچي گهيريو.

مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: فِرعَون کي، ان جي قوم کي ايمان جي دعوت ڏيڻ کان بعد حضرت جِزئِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرعون جي درٻار مان نڪري ويو ۽ هڪ جبل تي وڃي الله پاڪ جي عِبَادت ۾ مَصرُوف ٿي ويو، فِرعَون ان جي پويان سپاهي موڪليا ته وڃو! ان کي پڪڙي وٺي اچو۔ جڏهن سپاهي ان جبل تي پهتا ته ڏٺائون ته حضرت جزئيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِبَادت ۾ مَصرُوف آهي ۽ جنگلي جانور (مثلاً شينهن، چيتو وغيره) سندن آسپاس پهرو ڏئي رهيا آهن، اهو منظر ڏسي فرعوني سپاهين جا وار ڪانڊارجي ويا ۽ اهي ڊڄي واپس ڀڄي ويا۔([1])

جسے تُو پکڑ لے اس کو چھڑا سکتا نہیں کوئی              اسے پھر کون پکڑے جس کو مولیٰ تُو رِہا کردے

 ان کان بعد فِرعون ۽ ان جي قوم تي عذاب آيو ۽ انهن کي دريا ۾ غرق ڪيو ويو۔

مَشِیَّت کس کے بَس میں، فَضَا سے کون لڑتا ہے        یہاں جو سَر اُٹھاتا ہے، اسے جھکنا ہی پڑتا ہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبِيب                                                      صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيندڙ ان ايمان افروز حڪايت ۾


 

 



[1]...تفسیر جیلانی، پارہ:24، سورۂ مؤمن، زیرِ آیت:44، جلد:4، صفحہ:322۔