Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

وَ لَا تَقُوْلَنَّ لِشَایْءٍ اِنِّیْ فَاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًاۙ(۲۳) اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ٘-    

ترجمو ڪنزالايمان:  ۽ ڪنهن به ڳالھ جي لاءِ هرگز نه چئو ته مان سڀاڻي هيءَ ڪندس. مگر هيء ته الله گهري.

اِن شَآءَ الله جي معني آهي: جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو۔ اسان جڏهن به ڪو ارادو ڪيون مثال طور مان 5 منٽ بعد اهو ڪم ڪندس، 10 منٽ بعد ڪندس، شام جو ڪندس، سڀاڻي ڪندس،  سال کان بعد ڪندس، ٻن سالن کان بعد ڪندس، هن ارادي سان اسان  اِن شَآءَ الله به لازمي چئون ۽ جيڪڏهن بالفرض اِن شَآءَ الله چوڻ وسري ويو ته ڇا ڪرڻو آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اذْكُرْ رَّبَّكَ اِذَا نَسِیْتَ  ( سيپاري:15، سوره  ڪهف، آيت:24)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ پنهنجي رب کي ياد ڪر جڏهن تون وساري ويهين.

يعني جيڪڏهن اِن شَآءَ الله چوڻ وسري وڃو ته جڏهن ياد اچي ان وقت چئي وٺو، حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن سال کان بعد به ياد اچي ته هڪ سال پهريان مون فُلاڻو ارادو ڪيو هو، ان تي اِن شَآءَ الله نه چيو هو ته سال کان بعد ياد اچڻ تي چئي ڇڏيو۔([1]) مطلب جڏهن ياد اچي انهيء وقت اِن شَآءَ الله چئي ڇڏجي۔

اِن شَآءَ الله چوڻ سُنَّتِ انبياء آهي

پيارا اسلامي ڀائرو!  اِن شَآءَ الله چوڻ سُنَّتِ انبياء آهي، الله پاڪ جا پيارا  انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام اِن شَآءَ الله چوندا هئا، قرآنِ ڪريم ۾ به ڪيئي هنڌن تي هن جو تذڪرو آهي، مثال طور * سيپاري:12، سوره  هود، آيت:33 ۾ حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي اِن شَآءَ الله چوڻ جو ذِڪر آهي * سيپاري:13، سوره  يوسُف، آيت:99 ۾ حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جي اِن شَآءَ الله چوڻ جو ذڪر آهي * سيپاري:15، سوره  ڪهف، آيت:69 ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي اِن شَآءَ الله چوڻ جو ذِڪر آهي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:15، سورۂ کہف، زیرِ آیت:24، جلد:5، صفحہ:556۔