Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

انهن ٽنهن راتو رات اهو منصوبو ٺاهيو، وڏا پُرجوش هئا ته سڀاڻي اسان ميوا ٽوڙينداسين پر انهن هڪ غلطي ڪئي۔ پهريان ته هو ڪم ئي غلط ڪري رهيا هئا، سخاوت کان لنوائي رهيا هئا، ڪنجوسي جو مُظَاهرو ڪري رهيا هئا ۽ ڪنجوسي جو نتيجو ذِلّت ئي نڪرندو آهي، ان سان گڏوگڏ انهن هڪ ٻي غلطي به ڪئي، انهن پاڻ تي ڀروسو ڪيو، الله فرمائي ٿو:

وَ لَا یَسْتَثْنُوْنَ(۱۸)  ( سيپاري:29، القلم:18)    

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ان شاءالله نه چيائون

يعني هو پنهنجا منصوبا وٺي ايترا پُرجوش ۽ بااعتماد هئا جو انهن اِن شَآءَالله به نه چيو، پاڻ تي اعتماد ڪيو، پنهنجي عقل تي، پنهنجي تدبير تي، پنهنجي منصوبن تي ڀروسو ڪيو، صبح جو اهي جلدي جلدي بيدار ٿي اونداهي ئي ۾ باغ ڏانهن هليا ويا، رستي ۾ هڪ ٻي کي چوندا ويا: اڄ هرگز ڪو مسڪين، فقير اسان جي باغ ۾ داخل نه ٿئي۔ پر افسوس! جڏهن هو باغ وٽ پهتا ته ڏٺائون باغ سڙي چڪو آهي، هڪ لمحي جي لاءِ ته هو به حيران ٿي ويا، انهن سمجھيو؛ شايد اونداھي سبب اسان رستو ڀلجي ويا آهيون، ڪنهن ٻي باغ ۾ اچي ويا آهيون، اهو اسان جو باغ نه آهي پر جڏهن غور سان ڏٺائون ته اهو انهن جو ئي باغ هو۔([1])

کسی کو سوچوں نے کب سراہا، وہی ہوا جو خُدا نے چاہا

جو اختیارِ بَشَر پہ پہرے بٹھا رہا ہے، وہی خُدا ہے

 اها آهي انسان جي تدبير، اهي آهن انسان جون منصوبه بنديون، ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو رب کي منظور هوندو آهي. اي عاشقانِ رسول! جڏهن معاملو هيئن آهي، اسان جون تدبيرون به ناقص، اسان جو عقل به ناقِص، اسان جا منصوبا به ناقِص، اسان جيڪي وڻي منصوبا ٺاهيون، تقدير غالب اچڻي آهي ته اها غالب


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:29، سورۂ القلم، زیرِ آیت:17 تا 32، جلد:10 صفحہ:293 تا296 ماخوذاً۔