Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

اچي ئي ويندي آهي، سڀئي تدبيرون ناڪام ٿي وينديون آهن، منصوبا ناڪام ٿي ويندا آهن، عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي۔ هاڻي ٻڌايو! اسان وٽ ڇا وڃي بچي ٿو؟ اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ڇا ڪري سگھون ٿا؟ اسان زِندگي ۾ ڪجھ ڪرڻ جا خواب سجايا آهن، اسان منصوبا بڻايا آهن، اسان ڪاميابي چاهيون ٿا، اسان ترقي چاهيون ٿا ته اسان ڇا ڪيون؟ پنهنجي مقصد ۾ پُورو لهڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟ هن سُوال جو صِرف هڪ جواب آهي، اسان وٽ ڪاميابين جو صِرف هڪ طريقو آهي ۽ اهو آهي:

وَ اُفَوِّضُ اَمْرِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ-

ترجمو ڪنزالايمان: :۽ مان پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو

اسان الله پاڪ تي ڀروسو ڪريون، پنهنجا معاملا الله پاڪ جي حوالي ڪيون، ڪاميابي جو اهو هڪ رستو آهي ۽ ڪهڙي ايمان افروز ڳالھ آهي، اسان جو پيارو الله پاڪ گھڻو مهربان، نهايت رحم وارو آهي، الله پاڪ پنهنجي ٻانهن سان محبت فرمائي ٿو، الله پاڪ ڪنهن تي ذَرّو برابر به ظُلم نٿو فرمائي، الله پاڪ محنت ڪرڻ وارن جي محنت کي ضايع ناهي ڪندو۔ ارشاد آهي:

اِنَّا لَا نُضِیْعُ اَجْرَ مَنْ اَحْسَنَ عَمَلًاۚ(۳۰) ( سيپاري:15، سوره  ڪهف، آيت:30)      

ترجمو ڪنزالايمان: اسان ضايع نه ڪنداسين انهن جو اجر جن چڱا ڪم ڪيا.

اسان منصوبا بڻايون، اسان تدبيرون ڪيون پوءِ ڪاميابي جي لاءِ جيتري محنت ضروري آهي، ايتري محنت به ڪيون پر نتيجو الله پاڪ جي حوالي ڪيون، اِن شَآءَ الله الڪرِيم چئون، دِل ۾ اهو پختو يقين رکون ته مان محنت ڪري رهيو آهيان، هن محنت جو نتيجو الله پاڪ جي حوالي آهي۔ الله پاڪ چاهيو ته ڪاميابي اسان جا قدم چمندي۔

اِن شَآءَ الله چوڻ بابت قرآني حڪم

          سيپاري:15، سوره  ڪهف، آيت:23 ۽ 24 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي: