Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

ڪيون ته نتيجو چڱو نڪري ٿو، بُرائي ڪيون ته نتيجو بُرو نڪري ٿو ۽ ان نتيجي جا مالڪ اسان نه آهيون بلڪ هن نتيجن جو مالڪ الله پاڪ آهي۔

ٽن ڪنجوس  ڀائرن جي عبرتناڪ حڪايت

يَمَن جو هڪ شهر آهي: صَنعَاء۔ ان شهر جي ويجھو هڪ خوبصُورت باغ هو، اهو باغ گھڻو سرسبزشاداب ۽ ميويدار هو، قرآنِ ڪريم ۾ هن باغ جي حڪايت بيان ٿي آهي۔ سيپاري: 29، سوره  قَلَم، آيت:17 کان 33 تائين هن حڪايت جو بيان آهي۔ عالم سڳورا هنن آيتن جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: يمن جي شهر صنعاء جو رهاڪو هڪ شخص وڏو نيڪ ۽ سخي هو، ان وٽ هڪ خوبصُورت باغ هو، ان شخص جي عادت هئي ته ان جي باغ جا جيترا ميوا ازخود زمين تي ڪري پوندا هئا، ته هو فقيرن کي چوندو هو اهي تمام ميوا توهان جا آهن، توهان کڻي وڃو۔ پوءِ جڏهن باغ مان ميوا پٽيا ويندا هئا ته وڻن جي هيٺان ڪپڙو وڇايو ويندو هو جيڪو ميوو ڪپڙن تي ڪرندو هو، اهو به فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو هو، پوءِ جيڪو خالص ان جو پنهنجو حصو هوندو هو، ان مان به ڏهون حصو فقيرن کي ڏيندو هو۔ ان شخص جا 3 پٽ هئا ۽ ٽئي ڪنجوس هئا، جڏهن ان شخص جو انتقال ٿيو ته باغ انهن ٽنهي پٽن جي قبضي ۾ آيو، هاڻي انهن سوچيو؛ اسان جو والِد اڪيلو هو، هو ايتري سخاوت ڪري وٺندو هو، فقيرن کي ايترو مال ڏيڻ جي باوجود به اُنهن جي لاءِ ڪافي ڪجھ بچي ويندو هو پر هاڻي اسان ٽي آهيون پوءِ اسان جو اَولاد به آهي، جيڪڏهن اسان به والد جيان سخاوت ڪنداسين ته اسان جي لاءِ ميوو نه بچندو، ان ڪري بهتري ان ۾ آهي ته اسان ايتري وڌيڪ سخاوت نه ڪيون۔  هڪ رات جڏهن باغ جا ميوا پچي تيار ٿي چڪا هئا، اڳئين ڏينهن ميوا پٽڻا هئا، اهي ٽئي ڀائر ويهي منصوبا ڪري رهيا هئا، انهن پاڻ ۾ قسم کنيا ته صبح ساجهر، ماڻهن جي اٿڻ کان پهريان ئي باغ ۾ وڃي ميوا پٽي وٺنداسين ته جيئن مسڪينن کي خبر نه پئي۔