Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

اها آيت سڳوري ٻڌي ان فلسفي تَڪبُّر ۽ غرور وچان چيو: اها ڪهڙي مشڪل ڳالھ آهي، جيڪڏهن الله پاڪ پاڻي کي زمين ۾ هيٺ موڪلي ته اسان سائنس جي ذريعي مختلف آلات جي مدد سان پاڻي کي ٻيهر ڪڍي وٺنداسين۔ فلسفي اها ڳالھ ڪئي ۽ پنهنجي راھ وٺي هليو ويو، رات جو جڏهن هو سُتو ته خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ تمام طاقتور شخص آيو، ان شخص ان فلسفي جي منهن تي زَور دار چماٽ هنئي، جنهن سان ان جون ٻئي اکيون نڪري ويون ۽ گڏوگڏ اکين ۾ جيڪو نور جو هڪ هڪ قطرو پاڻي هو اهو زمين تي ڪري سڪي ويو۔

خواب ۾ ايندڙ شخص ان کي چيو: اي بدنصيب! جيڪڏهن تون واقعي ڪوڏر، پاهوڙي ۽ ٻين سائنسي آلات جي ذريعي، الله پاڪ جي مدد جي بغير پاڻي کي زمين مان ڪڍي سگھين ٿو ته تون پنهنجي اکين مان نڪرڻ وارن انهن ٻن قطرن کي زمين مان ڪڍي ڏيکار...؟

صبح جو جڏهن فلسفي صاحب بيدار ٿيو ته اکيون نڪتل هيون، ڪجھ نظر نه اچي رهيو هو، غرور و تڪبر جو سڄو نشو به لهي چڪو هو ۽ الله، الله پڪاري رهيو هو۔

 

کسی کو تاجِ وقار بخشے، کسی کو ذِلَّت کے غار بخشے

جو سب کے ماتھے پہ مُہرِ قُدْرت لگا رہا ہے، وہی خُدا ہے

* ٽائي ٽينڪ دُنيا جو گھڻو مضبوط سامونڊي جهاز هو، ان کي سمنڊ جو بادشاھ چيو ويو هو، انجينئرز ٽائي ٽينڪ بنائڻ ۾ پنهنجي پُوري طاقت ۽ مهارت لڳائي، ان کي ٺاهڻ ۾ ساڍا ست ملين ڊالر خرچ ٿيا ۽ تقريبًا 4 سالن ۾ تيار ٿيو،  ٽائي ٽينڪ جي باري ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اهو جهاز ڪڏهن نه ٻڏندو، بلڪ چيو وڃي ٿو ته ان جي مالِڪ چيو هو: ٽائي ٽينڪ کي طوفانِ نُوح به نٿو ٻوڙي سگھي، پر بدقسمتي ڏسو اهو سامونڊي جهاز صِرف 4