Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

اسلامي تعليمات جو ڪمال

 اي عاشقانِ رسول ! غور ڪيو! وَهم پرستي، بدفالي، بدشگوني ڪهڙي خطرناڪ باطني بيماري آهي ۽ اهي اڄ به ننڍن ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن وڏن ترقي يافته چورائڻ وارن ملڪن تائين پکڙيل آهي، هاڻي اسلامي تعليمات جو ڪمال ڏسو ته اسلام اسان کي اِن شَآءَ الله الڪرِيم چوڻ سيکاريو، قرآنِ ڪريم جي صِرف هڪ آيت جي هڪ جُز ۾ حڪم ڏنو ويو ته ڪنهن به ڪم جو ارادو ڪرڻ هجي، ان سان گڏ اِن شَآءَ الله لازمي چيو وڃي ۽ اهو يقين رکيو وڃي ته جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته مان پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب ٿي ويندس۔ اسلام جي صِرف هن هڪ تعليم ان تمام وَهم پرستين جي، تمام بدشگونين جي ڪاٽ ڪري ڇڏي۔ سُبحٰنَ الله! اها آهي اسلام جي جامعيت ۽ اها آهي اسلام جي عالمگير، پاڪيزه ۽ خوش گوار تعليم۔ الله پاڪ اسان سڀني کي اسلام جي هنن پاڪيزه تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

بدشگوني بابت تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب بدشگوني  پاڻ به پڙھو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔

اي عاشقانِ رسول! اڄ کان پنهنجو اهو پَڪو ذهن بڻائي وٺو ته هاڻي جڏهن به ڪنهن ڪم جو ارادو ڪنداسين، گڏوگڏ اِن شَآءَ الله الڪرِيم لازمي چونداسين ۽ اهو يقين رکنداسين ته الله پاڪ چاهيو ته دُنيا جي ڪا طاقت منهنجي راھ ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگھي.

هڪ ٻي ڳالھ اها هي ته اسان وٽ کوڙ ماڻهن کي دُرُست اِن شَآءَ الله  چوڻ نٿو اچي۔ اِن شَآءَ الله عربي جو لفظ آهي ته يقيناً عربي ئي ۾ ادا ڪيو ويندو، ان جي آخر ۾ ھا ايندي آهي عام طور تي ماڻهو آخر ۾ ھا جي جڳھ الف پڙھن ٿا، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو مبارڪ انداز آهي ته پاڻ اِن شَآءَ الله الڪرِيم پڙھندا آهن ته جيئن لفظ الله جي ھَا دُرُست ۽ پُوري پڙھي وڃي۔ الله پاڪ اسان سڀني