Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

ڪڏهن به بلند درجات تائين نٿو پهچي سگھي۔([1]) * رسولِ بي مثال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايائون: اَلطِّیَرَۃُ شِرْکٌ، اَلطِّیَرَۃُ شِرْکٌ، اَلطِّیَرَۃُ شِرْکٌ بدفالي وٺڻ شرڪ آهي، بدفالي وٺڻ شرڪ آهي، بدفالي وٺڻ شرڪ آهي، پوءِ ارشاد فرمايائون؛ اسان مان هر شخص کي اهڙو خيال اچي ويندو آهي پر الله پاڪ توڪّل جي ذريعي ان کي ختم فرمائي ڇڏيندو آهي۔۔([2]) 

هن حديثِ پاڪ تحت عالم سڳورا لکن ٿا: جاهليّت واري زماني ۾ ماڻهو بدفالي وٺندا هئا، انهن جو عقيدو هوندو هو ته بدشگوني جي تقاضي تي عمل ڪرڻ سان انهن کي نفعو حاصل ٿيندو آهي مثال طور ڪو شخص ڪم جي لاءِ نڪتو ۽ واٽ ۾ ٻلّيءَ ان جو رستو ڪٽي ورتو، هاڻي جيڪڏهن هو واپس موٽي آيو ته زمانه جاهليت جي ماڻهن جو عقيدو هو ته ائين ڪرڻ سان اسان کي فائدو ٿئي ٿو، ان ڪري حديثِ پاڪ ۾ بدشگوني کي شرڪ قرار ڏنو ويو،  جيڪڏهن ڪو ٻانهو صِرف بدشگوني وٺي ۽ گڏوگڏ اهو عقيدو به رکي ته ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو الله پاڪ چاهي ٿو، ان کان عِلاوه دُنيا جي ڪا طاقت الله پاڪ جي مَرضِي جي خِلاف ڪجھ نٿي ڪري سگھي، هن صورت ۾ بدشگوني وٺڻ شِرڪ خَفِي (يعني گُناھ جو ڪم آهي) ۽ جيڪڏهن ڪو ٻانهو اهو عقيدو رکي ته مثال طور تارا خود پنهنجي طاقت سان، الله پاڪ جي مرضي جي خِلاف به اَثَر ڪري سگھن ٿا، هن صورت ۾ اها بدشگوني وٺڻ شرڪ جَلِي آهي، اهو ڪفر ۾ شمار ٿيندو آهي۔([3]) * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايا: مَنْ رَدَّتْہُ الطِّیَرَۃُ عَنْ شَیْءٍ فَقَدْ قَارَفَ الشِّرْکَ يعني جيڪو شخص بدشگوني جي ڪري ڪنهن شيءِ کان رڪجي، اهو شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويو۔([4]) 


 

 



[1]...مجمعُ الزّوائِد، جلد:5، صفحہ:144، حدیث:8487 ۔

[2]...ابوداؤد، کتابُ: الطِّبْ، صفحہ:615، حدیث:3910 ۔

[3]...مِرْقاۃ شرح مشکوٰۃ، کتابُ: الطِّب، جلد:8، صفحہ:398، زیرِ حدیث:4584۔

[4]...مجمعُ الزَّوائِد، کتابُ:الطِّب، جلد:5، صفحہ:127، حدیث:8415۔