Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

موڪلائڻ کان بعد گھر ۾ ٻهارو ڏيڻ کي منحوس سمجھندا آهن * ساڄي اک ڦڙڪي ته يقين ڪيو ويندو آهي ته ڪا مصيبت ايندي * عيد جمعي جي ڏينهن اچي ته ان کي حڪومت تي وزني سمجھيو ويندو آهي * ٻلّي جي روئڻ جي آواز کي منحوس سمجھيو ويندو آهي * ڪڪڙ ڏينهن جي وقت آذان ڏي ته بدفالي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ايستائين جو ان کي ذبح ڪيو ويندو آهي * دُڪان تان پهريون گراهڪ سودو وٺڻ بغير موٽي ويو ته دڪاندار ان مان بدشگوني وٺندو آهي * نئين ڪنوار گھر اچڻ تي گھر ۾ ڪو بُرو واقعو ٿي ته ان ڪنوار کي منحوس سمجھيو ويندو آهي * جواني ۾ بيوه ٿي وڃڻ واري عورت کي منحوس سمجھيو ويندو آهي * خالي قينچي هلائڻ کي منحوس سمجھيو ويندو آهي * سج گرهڻ مهل حامله عورت ڇري سان ڪا شيء نه ڪٽي نه ته ٻار پيدا ٿيندو ته ان جو هٿ يا پير ڪٽيل هوندو * وڏن وڏن ترقي يافته ملڪن ۾ نمبرن مان بدشگوني ورتي ويندي آهي، ڪيئي نمبرن کي منحوس سمجھيو ويندو آهي، مثال طور  * نمبر ”13“ کي منحوس سمجھيو ويندو آهي، ان ڪري بلڊنگ جي اندر تيرهون فلور ناهي هوندو، بلڪه 12 کان بعد ڊائريڪٽ 14 نمبر منزل ايندي آهي، اسپتالن ۾ 13 نمبر وارو بستر يا ڪمرو ناهن رکندا، ڪيئي هوائي جهازن ۾ 13 نمبر سيٽ به نٿا رکن۔

* اهڙي طرح گرهڻ جي باري ۾ کوڙ ساريون وَهمي ڳالھيون مشهور آهن؛ مثال طور؛ کوڙ علائقن جي ماڻهن جو اهو تَصَوُّر آهي ته گرهڻ ان وقت لڳي ٿو جڏهن سج کي بلائون ۽ خوفناڪ جانور ڳهي ويندا آهن، هڪ ويب سائٽ تان ورتل معلومات مطابق جڏهن به چنڊ کي گرهڻ لڳندو آهي ته اڳوڻا چيني ماڻهو گڏ ٿي تمام ڏاڍو شور ڪندا هئا، انهن جو عقيدو هي هوندو هو ته چنڊ کي هڪ وڏو نانگ کائي رهيو آهي، اسان جو اهو شور چنڊ کي بچائڻ جي ڪوشش آهي۔

اهڙي طرح ٻيون کوڙ ساريون بدشگونيون ورتيون وينديون آهن، هاڻي ٿورو اَندازو ڪيو، انسان هوائي جهاز تي ويهي هوا ۾ سَفَر ڪري رهيو آهي، ايتري ترقي ڪري ورتي پر دماغ ڏسو! 13 نمبر کي منحوس سمجھي رهيو